اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪورٽي فورسز جي گاڏي بارودي سرنگ سان ٽڪرائڻ جي نتيجي ۾ ڪيپٽن ڪاشف شهيد ٿي ويو. آئي ايس پي آر مطابق بلوچستان ۾ گجڪ جي علائقي توبو ۾ سيڪورٽي فورسز جي گاڏي بارودي سرنگ سان ٽڪرائجي وئي. سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي دهشتگردن گچڪ جي علائقي توبو ۾ نشايو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيپٽن ڪاشف شهيد ٿي ويو جڏهن ته 2 جوان زخمي ٿيا آهن. آئي ايس پي آر مطابق واقعي جي فورن بعد زخمين کي علاج لاءِ خضدار منتقل ڪيو ويو آهي.
