148

خيرپور ناٿن شاهه ۾ تيز رفتار ڪار جو چنگچي رڪشا سان زوردار ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي

لاڙڪاڻو  (ويب ڊيسڪ)خيرپور ناٿن شاهه تعلقي اسپتال ڀرسان تيز رفتار ڪار جو چنگچي رڪشا سان زوردار ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، حادثي بعد ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو بعد ۾ آسپاس جي علائقن ٽن زخمين کي تعلقه اسپتال ڪي اين شاهه جڏهن ته هڪ زخمي ٻن ٻار جي پيءُ ڳوٺ مراد چانڊيو واسي 25 سالن جي نوجوان صدام حسين پٽ عبدالنبي چانڊيو کي سندس وارثن پاران ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو ويو جتي علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي نوجوان فوت ٿي ويو جنهن جي لاش مٿان وارث اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي فوتي نوجوان جي سئوٽ سلطان چانڊيو ٻڌايو ته سئوٽ صدام ڪم سانگهي چنگچي رڪشا تي خيرپور ناٿن شاهه شهر وڃي رهيو هو ته تعلقي اسپتال ڀرسان تيز رفتار ڪار جو چنگچي رڪشا سان زوردار ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ سئوٽ سميت چار ڄڻا زخمي ٿيا حادثي بعد سئوٽ کي چانڊڪا اسپتال آندو جتي هو فوت ٿي ويو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي نوجوان جو لاش وارثن ڳوٺ ڏانهن کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو