144

نصيرآباد روڊ تي تيز رفتار ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو  (ويب ڊيسڪ) نصيرآباد روڊ تي تيز رفتار ڪار جو ٽائر برسٽ جي نتيجي ۾ قمبر تعلقي جي ڳوٺ گهٽهڙ واسي ٽي ڄڻا سڌير ٻرڙو، عبدالصمد ٻرڙو ۽ سعيد بليدي سخت زخمي ٿي پيا جن کي موٽروي پوليس فوري طور کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي جن مان زخمي سڌير ٻرڙو جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ان موقعي تي زخمين جي وارثن ٻڌايو ته زخمي نوجوان پنهنجي ڳوٺ گهٽهڙ کان ڪار ۾ سوار ٿي ڪم سانگهي ميهڙ شهر وڃي رهيا هئا ته نصيرآباد روڊ تي تيز رفتاريءَ سبب ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٽئي ڄڻا زخمي ٿيا آهن. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين زخمين جو علاج پڻ هلندڙ هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو