بدين (ويب ڊيسڪ) بدين شھر ويجهو حيدر آباد روڊ تي حادثو ٻه ڄڻا موقعي تي فوت رپورٽ مطابق شهر بدين ويجهو حيدرآباد روڊ تي نظاماڻي پيٽرول پمپ وٽ روڊ ڪناري بيٺل ٽرڪ کي تيز رفتار ڊمپر جي زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ ٽرڪ ۾ موجود ڊرائيور ٺٽي ضلعي جي شهر جھرڪن جي ڳوٺ حاجي بابو ٻٻر جو رھواسي 40 ورهين جو وزير علي پٽ يارمحمد ٻٻر موقعي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو حادثي جي اطلاع ملڻ تي تلھار پوليس سرزمين تي پھچي لاشن کي تحويل ۾ وٺڻ ۽ ضروري ڪاروائي کان پوءِ هڪ لاش کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ٻيو فوتي ڊمپر جو ڪلينڊر آهي جنهن جي نالي وغيره خبر نه پئجي سگهي آهي، پوليس موجب حادثي جو ذميوار ڊمپر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي ڊمپر کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
