125

دهشتگردي واقعن تي ڳڻتي آهي، قومي ايڪشن پلان تي عمل نه ٿيڻ جا نتيجا ڀوڳيون پيا: پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو بلوچستان ۾ سيڪورٽي فورسز جي گاڏي تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته  نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ٿيڻ جا نتيجا قوم کي ڀوڳڻا پئجي رهيا آهن، پ پ ميڊيا سيل تان جاري ٿيل بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سيڪيورٽي جي فورسز جي گاڏي بارودي سنگهه سان ٽڪرائجڻ سبب پاڪ فوج جي ڪيپٽن جي شهادت واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي شهيد آفيسر جي وارثن سان تعزيت ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي، بلاول ڀٽو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وطن خاطر جان جو نذارنو پيش ڪندڙ ڪيپٽن ڪاشف کي سلام پيش ڪيان ٿو، هن چيو ته شهيدن جون قربانيون ضرور نتيجا ڏينديون ۽ پاڪستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي ٿيندي، پ پ چيئرمين زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ دهسٽگردي جي واقعا وڌڻ تي سخت ڳڻتي جو اظاهر ڪندي چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ٿيڻ جا نتيجا قوم کي ڀوڳڻا پئجي رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو