163

100 سيڪڙو ويڪسينيشن وارا اسڪول 30 آگسٽ کان کولڻ جي اجازت،ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ٿيندي:حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي چيو آهي ته 100 سيڪڙو ويڪسينيشن وارا اسڪول 30 آگسٽ کان کولڻ جي اجازت ڏني ويندي، ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ٿيندي. رپورٽ موجب سنڌ حڪومت سنڌ ۾ تعليمي ادارا اڻ ڄاتل مدي تائين بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، تعليم کاتي جي ڊي جي انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن صوبي جي سمورن خانگي اسڪولن جي انتظاميا کي خط لکي حڪومتي فيصلي تحت اسڪول نه کولڻ جي هدايت ڪئي آهي، لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت جي فيصلي جي ابتڙ اسڪول کوليندڙ انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جيستائين تاريخ جو اعلان نٿو ڪيو وڃي،تيستائين سمورا اسڪول بند رکيا وڃن، اسڪول بند رهڻ واري مدي دوران استادن ۽ عملي جي ويڪسينيشن وارو عمل مڪمل ڪيو وڃي،100 سيڪڙو ويڪسينيشن وارا اسڪول 30 آگسٽ کان کولڻ جي اجازت ڏينداسين، ٻئي طرف تعليم کاتي جي وزير سردار شاهه چيو آهي ته 100 سيڪڙو ويڪسينيشن وارا اسڪول 30 آگسٽ کان کولڻ جي اجازت ڏني ويندي، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسڪول ٻئي حڪم تائين بند رکڻ جو اهو مطلب ناهي ته هڪ سال کانپوءِ کلندا،خانگي اسڪول انتظاميا سان ڳالهائينداسين،اڄ ساڻن ملاقات ڪندس، ويڪسينيشن جو عمل مڪمل نه ٿيڻ جي ڪري اسڪول بند ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي،100 سيڪڙو ويڪسينيشن وارا اسڪول 30 آگسٽ کان کلندا،ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو، ٻئي طرف خانگي اسڪول ايسوسيئيشن اسڪول نه کولڻ خلاف اڄ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن اسڪول کولڻ جي اجازت ڏيو خانگي اسڪولن جي ايسوسيئيشن پاران اڄ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان پرائيوٽ اسڪول مينيجمينٽ ايسوسيئيشن جي اڳواڻ طارق شاھ جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ اسڪول اڻڄاتل مُدي تائين بند رکڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف اڄ ڪراچي ۾ به احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻين صوبن ۾ اهڙي بندش ناهي پر سنڌ ۾ بندش ڇو لڳائي وئي آهي؟ هن چيو ته اسان تعليمي نظام کي آئوٽ ڊور اسڪولنگ ڏانهن شفٽ ڪري رهيا آهيون.ٻئي طرف ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ وڌيڪ 75 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3842 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 16 سيڪڙو ٿي وئي، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 13 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، هوڏانهن سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 22 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 1118 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ڪراچي ۾ 525 ۽ حيدرآباد ۾ 280 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو