ڪراچي (ويب ڊيسڪ) “اسڪول کولڻ جي اجازت ڏيو” خانگي اسڪولن جي ايسوسيئيشن پاران اڄ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان پرائيوٽ اسڪول مينيجمينٽ ايسوسيئيشن جي اڳواڻ طارق شاھ جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ اسڪول اڻڄاتل مُدي تائين بند رکڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف اڄ ڪراچي ۾ به احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻين صوبن ۾ اهڙي بندش ناهي پر سنڌ ۾ بندش ڇو لڳائي وئي آهي؟ هن چيو ته اسان تعليمي نظام کي آئوٽ ڊور اسڪولنگ ڏانهن شفٽ ڪري رهيا آهيون.
