ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گادي واري شهر ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪرونا ويڪسينيشن جو سلسلو هلندڙ آهي، ڪراچي ۾ هن وقت تائين 53 لک 53 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳي چڪي آهي، صحت کاتي جي عملدارن مطابق ڪراچي ۾ هن وقت تائين 40 لک 59 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين جو پهريون ڊوز لڳي چڪو آهي جڏهن ته هن وقت تائين 12 لک 93 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ويڪسين جو ٻيو ڊوز لڳايو ويو آهي، صحت کاتي مطابق ڪراچي ۾ 19 لک 43 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين جا ٻئي ڊوز لڳي چڪا آهن، ٻئي پاسي سنڌ ۾ هن وقت تائين 99 لک 55 هزار 385 ماڻهن کي ويڪسين لڳي چڪي اهي، جڏهن ته 80 لک 11 هزار کان وڌيڪ کي ويڪسين جو پهريون ڊوز لڳايو ويو آهي.
