ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ ننڍي قد جو اعزاز رکندڙ ڳئون معدي جي تڪليف سبب مري وئي، رپورٽ مطابق راڻي نالي ڳئون معدي جي تڪليف ۾ مبتلا هئي، گذريل ڏينهن کيس شديد تڪليف سبب جانورن جي اسپتال آندو ويو، ڊاڪٽر سندس جان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر هوءَ بچي نه سگهي ۽ سندس موت واقع ٿيو. ياد رهي ته راڻي نالي ڳئون جو قد 20 انچ ۽ وزن 26 ڪلو هو، هوءَ دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي ڳئون هئي، ڍاڪا ۾ کيس روزانو ڪيترائي ماڻهو ڏسڻ لاءِ ايندا هئا.
