لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا مان هڪ عجيب و غريب خبر سامهون آئي آهي، جنهن مطابق هڪ 12 سالن جو ٻارڙو سالن کان صرف ڏهي ۽ ڊبل روٽي کائي گذارو ڪري ٿو، رپورٽ مطابق ايشٽن فشر هڪ عجيب بيماري ۾ مبتلا آهي، کيس کاڌي کان خوف اچي ٿو، ايشٽن 10 سالن کان صرف ڏهي ۽ هڪ خاص برانڊ جي ڊبل روٽي کائي ٿو پٽ جي اهڙي عجيب بيماري سبب سندس والدين پريشان رهڻ لڳا آهن، جڏن ته هن وقت تائين ڪيترن ئي ڪوششن باوجود ڊاڪٽر به حل ڳولڻ ۾ ناڪام ويا آهن.
