131

اقرا عزيز جي اداڪاري جي واکاڻ، ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ رهي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره اقرا عزيز جي اداڪاري جي واکاڻ هلندڙ آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن هوءَ ٽوئيٽر تي به ٽاپ ٽرينڊ  بڻيل رهي، رپورٽ مطابق ”خدا اور محبت“ سيزن 3 جي هلندڙ هفتي جي قسط ۾ اقرا عزيز جي اداڪاري مداحن جون دليون کٽي ورتيون آهن، سوشل ميڊيا صارفين جو چوڻ آهي ته   اقرا عزيز اداڪاري ۾ پاڻ ملهايو آهي. صارفين جو چوڻ هو ته ”خدا اور محبت“ سيزن 3 ۾  اقرا عزيز پنهنجي ڪردار سان ڀرپور نموني ملهايو، جيڪڏهن فيروز خان اداڪاري جو بادشاهه آهي ته اقرا عزيز به اداڪاري جي ملڪه آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو