ڪابل / لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڪابل ۾ هزارين ماڻهو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ هوائي اڏي ٻاهران گڏ ٿي ويا آهن، جتي 7 ماڻهو چيڀاٽجي فوت ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ هن وقت تائين هوائي اڏي تي فوت ٿيلن جو انگ 20 ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ لنڊن ۾ برطانيا جي بچاءُ واري وزارت جي ترجمان ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ويجهڙائي ۾ هزارين ماڻهو ملڪ ڇڏي ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته ان دوران ڀڄ ڊوڙ جي نتيجي ۾ 7 افغان شهري ڪابل هوائي اڏي ويجهو فوت ٿي ويا آهن. هن ٻڌايو ته اسان جون همدرديون فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن سان گڏ آهن. زميني حالتون انتهائي چئلينجنگ آهن پر اسان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته صورتحال کي وڌ کان وڌ بهتر ۽ محفوظ طريقي سان سنڀاليون. ٻي پاسي طالبان ڪمانڊر ڪابل هوائي اڏي تي پهچي ويو جتي هن پرڏيهه وڃڻ لاءَ گڏ ٿيل افغان شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي پرڏيهه وڃڻ بدران پنهنجي ملڪ ۾ ئي رهن.
