لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت 32 پئسن جي به ڪرپشن ثابت ڪري ڏيکاري، لاهور ۾ ن ليگ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته ثابت ڪري ڏيکاريو ته 32 سئو ارب رپين مان ڪجهه پئسن جي ڪرپشن به ٿي هجي، شهباز شريف ۽ منهنجي خلاف هاڻي نئون اسڪينڊل پيدا ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اسان ان ڪوڙن ڪيسن جو مقابلو ڪنداسين،اسان جي دور ۾ڪو به سياسي قيدي نه هو.
