ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت موٽرسائيڪل تي سائيڊ گلاس لڳائڻ لازمي قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽ موجب سائيڊ گلاس نه لڳائيندڙ موٽرسائيڪل سوار جو چالان ڪيو ويندو. جڏهن ته ٽرانسپورٽ کاتو موٽر وهيڪل قانون ۾ ترميم ڪندو،مسودو ڪابينا ۾پيش ڪيو ويندو، سنڌ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ موٽرسائيڪل تي سائيڊ گلاس لڳائڻ جو قانون لاڳو ٿيندو.
