100

مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جي ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو، سياسي سرگرمين لاءِ تيار

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جي ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو اچي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هو سياسي سرگرمين لاءِ ٻيهر تيار ٿي وئي آهي. رپورٽ موجب مسلم ليگ ن جي نائب صدر ڪورونا جي نئين ٽيسٽ ڪرائي،جيڪا نيگيٽو آئي آهي، مريم نواز ٻيهر سياسي سرگرمين ۾حصو وٺڻ جي لاءِ مڪمل تيار ٿي وئي آهي، 29 آگسٽ تي پي ڊي ايم جي ڪراچي واري جلسي ۾شرڪت جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو