ليکڪ: صدام ساگر
وبا ”ڪورونا“ پوري دنيا ۾ نه رڳو زندگيءَ جي ڪنهن هڪ يا خاص شعبي کي متاثر ڪيو آهي پر جتي جتي وبا جي رسائي ٿي آهي اتي وڏي تباهي آندي آهي، جنهن ڪري هر شعبي ۾خال پيدا ٿيو آهي، جنهن جي ازالي لاءِ ويجهڙائي ۾تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي، پوءِ چاهي اهو صحت هجي، تعليم، معيشت يا ٻيو ڪو شعبو ڇو نه هجي، اڃا تائين به وچڙندڙ وبا جي ڪري پوري دنيا جيان اسان جو ملڪ پڻ جنگ جوٽي رهيو آهي. جڏهن ته وبا کان بچاءُ جي سلسلي ۾ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن پاران وقتن بوقتن احتياطي اپائن ۽ ايس او پيز تي مڪمل طور تي عمل جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون وينديون آهن پر اسان وٽ انهن اپائن تي عمل وارو سوال پيدا ئي نه ٿو ٿئي ۽ نه ئي وري اسان وبا کي ايترو سنجيده ٿا وٺون، اهڙي صورتحال ۾ ويتر وبا جي پکڙجڻ جو خطرو وڌي رهيو آهي، تازو ئي ڪورونا جي ٽئين لهر پيدا ٿيڻ کانپوءِ اسان وٽ هڪ نئين جنگ جي شروعات ٿي وئي آهي. جڏهن ته ان سموري جنگ جو محور هڪ ته لاڪ ڊائون آهي ۽ ٻيو اسڪولن جو بند رهڻ آهي. لاڪ ڊائون سبب پوندڙ ناڪاري اثرن بابت اڳ ۾ پڻ گهڻو ڪجهه لکيو، ڳالهايو ۽ بحث ڪيو ويو آهي پر سنڌ ۾ هينئر خاص طور تي ”اسڪولن جي بندش“ هڪ نئين موضوع کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي، گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته وبائي صورتحال ۾ اسڪول بند رهڻ گهرجن، جڏهن ته ٻيا اهي ماڻهو آهن جن اسڪول کولڻ جي حوالي سان مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، انهن ۾ خاص طور تي خانگي اسڪولن جا مالڪ آهن، جن جو خيال آهي ته اسڪول کلڻ گهرجن، جڏهن ته انهن پاران طرحين طرحين جا بيان جاري ڪيا پيا وڃن ۽ سوال اٿاريا پيا وڃن ته جيڪڏهن ٻين صوبن ۾اسڪول کليل رڳو سنڌ جا تعليمي ادارا بند ڇو؟ ڇا ڪورونا رڳو سنڌ جي تعليمي ادارن ۾آهي؟ وغيره. توڙي جو تعليم سان جڙيل اهي سمورا سوال پنهنجي نوعيت ۾ انتهائي معنيٰ وارا آهن پر منهنجو سوال انهن سڀني مهم هلائيندڙن کان آهي ته ڇا توهان ڪووڊ واري صورتحال کان اڳ سنڌ ۾ ڪڏهن تعليم جي بهتري لاءِ ڪڏهن آواز اٿاريو آهي؟ ڇا سنڌ ۾ بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ ڪڏهن ڪو احتجاج ڪيو آهي؟ سنڌ جي سوين اسڪولن ۾سهولتن جي اڻاٺ آهي ڇا ان بابت اوهان ڪڏهن ڪو لائحه عمل جوڙيو؟ ٻيو ته ٺهيو ڇا توهان پنهنجن اسڪولن ۾ ڪڏهن ڪورونا بابت احتياطي اپائن تي عمل ۽ ايس او پيز تي عمل ڪرايو آهي؟ ڇا توهان جي اسڪول جو سمورو عملو وئڪسينيٽڊ آهي؟ اڪثر خانگي اسڪولن ۾ پڙهائيندڙن کان وئڪسين هڻائڻ بابت ڪا خاص پڇا ڳاڇا ناهي. باقي ٻارن جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته 80 سيڪڙو ٻار بنا ماسڪ جي اچن ٿا، انهن جو ٽيمپريچر به منظم نموني چيڪ نه ٿو ٿئي، مٿي ڄاڻايل سڀني ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته مهم هلائيندڙن کي سنڌ جي تعليم سان ڪا به دلچسپي ناهي، باقي رهي ڳالهه تعليمي بحران ۽ نقصان جي ته ان ڳالهه مان بلڪل به نظر نه ٿي چورائي سگهجي ته تعليمي اداران جي بندش سبب تعليمي بحران پيدا ناهي ٿيو. بيشڪ نقصان ٿيو آهي ۽ ٿئي به پيو پر ڪووڊ 19 جي سنگين صورتحال سبب دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وبائي صورتحال سبب هسيتائين اسڪول ڏهن کان پنجاهه هفتن تائين بند رهيا آهن، جڏهن ته اهي سڌريل ملڪ صورتحال خراب ٿيڻ جي صورت ۾ادارا وري پڻ بند ڪري ڇڏيندا آهن، هينئر به جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن ڪنڊ يا ملڪ ۾ اسڪول کليل آهن ته اتي ايس او پيز تي مڪمل عمل ٿئي ٿو نه ڪي اهي اسان وانگي رڳو بي بنياد مهم هلائين ٿا، تنهنڪري ضروري اهو آهي ته اسان ٻيگهي مچائڻ بدران وبا سبب پيدا ٿيل تعليمي نقصان جي ازالي لاءِ ڪي منصوبا جوڙيون يا اهڙي ڪا حڪمت عملي جوڙيون جيڪا سڀني لاءِ موزون ۽ مناسب هجي. جڏهن ته اهو حڪومت تي پڻ لازم ٿئي ٿو ته رڳو تعليمي ادارن ۾ موڪلن جا اعلان ڪرڻ بدران ڪجهه تعليمي سڌاري لاءِ به سوچي.