ليکڪ: زبير احمد ٻوهيو
آمريڪا پاران افغانستان مان پنھنجون فوجون واپس گھرائڻ ۽ طالبانن جو افغانستان تي قبضو ڪرڻ سڄي دنيا کي ھڪ نئين صورتحال ڏانھن ڌڪي ڇڏيو آھي، ڇو ته افغانستان 20 سالن کان وٺي ئي جنگ ۽ گهرو ويڙهه کي منهن ڏيندو پيو اچي، هيءَ ويڙهه ته آمريڪا ۽ ان جي اتحادين طرفان شروع ڪيل هئي پر ان کان اڳ به سوويت يونين جي زماني ۾ افغانستان 20 سال گهرو ويڙهه جو شڪار رهيو آهي، تقريبن 50 سال ٿي ويا آهن جو افغانستان اھڙن ڪيترن ئي ڀيانڪ مسئلن جو شڪار ٿيندو پيو اچي، ڪيترائي دنيا جا ملڪ طالبانن جي افغانستان ۾ اچڻ تي خوش نه آھن ۽ ان ڳالهھ کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن ته ڪو طالبان افغانستان ۾ رھن، ڪن ملڪن ته سڌو سنئون وري ان سڄي صورتحال جو ذميوار آمريڪا کي قرار ڏئي ڇڏيو آھي، آمريڪا ھينئر سڀ کان وڌيڪ تنقيد جو نشانو بڻجي رھيو آھي، برطانيا سميت ڪيترن ئي يورپي ملڪن جا سفارتخانا پنھنجي نجي اجلاسن ۾ ان جو ذميوار آمريڪا کي قرار ڏئي رھيا آھن جيڪو برطانوي ميڊيا ۽ آمريڪي ميڊيا ۾ رپورٽ به ٿي رھيو آھي، اھي سڀ ملڪ آمريڪا کي ھڪ طرفي فيصلي تي تنقيد جي ضد ۾ آڻي رھيا آھن، سي اين اين ۾ شايع ٿيندڙ آرٽيڪل مطابق ڪابل تي اوچتي قبضي ۾ لنڊن کان وٺي پئرس تائين ۽ برسلز کان برلن تائين يورپ جي محدود سفارتڪاري ۽ فوجي صلاحيتن کي واضح ڪري ڇڏيو آھي، يورپ جا سفارتڪار ۽ صلاحڪار نجي سطح تي اھو چئي رھيا آھن ته اڄ اسان ان جاءِ تي بيٺا آھيون، جنھن جاءِ تي آمريڪا چئي ڇڏي ختم ته راند ختم ٿي ويندي، ڇا آمريڪا ائين ئي فوج واپس گھرائي ڇڏي؟ خابرو آرٽيڪل مطابق برطانوي حڪومت جا اھلڪار اھو چئي رھيا آھن ته انھن ٽرمپ ۽ بائيڊن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته فوج جي واپسي کي سست ڪيو پر ھو انھيءَ ۾ ناڪام ويا، يورپي ملڪن جون اختياريون انھن خدشن جو به اظھار ڪري رھيون آھن ته آمريڪا جي ھڪ طرفي فيصلن سان آمريڪا کي ته نقصان نه ٿو کڻڻو پوي پر ڪيترائي يورپي ملڪ مشڪل ۾ اچي وڃن ٿا پوءِ کڻي انھن ۾ مھاجرن جا مسئلا ھجن يا شدت پسندي جي لھر ھجي، ڇو ته ماضي ۾ به جڏھن شام کان ڪيترائي مھاجر يورپي ملڪن ڏانھن ويا ۽ اتي آباد ٿيا ته انهن ملڪن جا سياسي بحث ۽ چونڊ نعرا به ان جي چوگرد ئي گھمندا رھيا، اينٽيميگريشن جي نالي تي سياست ٿيڻ لڳي ۽ کاٻي ڌر جي سياسي ماڻھن انھن کي مسئلو بڻائي ڇڏيو ۽ ووٽ به انھن نعرن تي ئي ورتو، انھي سڄي معاملي ۾ صرف يورپ ئي آمريڪا تي ھر شيءِ نه مڙھي رھيو آھي پر آمريڪي انٽيليجنس آمريڪي ميڊيا تي خبرون ليڪ ڪري رھي آھي ته بائيڊن انتظاميا کي طالبانن جي قبضي متعلق اڳ ئي آگاھه ڪري ڇڏيو ھو پر وقت تي فيصلا سازي نه ڪئي وئي، آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ مطابق گذريل مھيني اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ڳجهي گڏجاڻي ۾ آمريڪا جي اعليٰ اختيارين کي خبردار ڪيو ويو ھو ته جيئن ئي آمريڪي فوج ڪابل کان نڪرندي ته اتي طالبان ڪنٽرول سنڀالي وٺندا، اھا ڳجهي گڏجاڻي ان ڳالهه جو ثبوت آھي ته آمريڪي اختيارين کي طالبانن جي پيش قدمي کان آگاھه ڪيو ويو ھو ۽ اھو به چيو ويو ھو ته افغان سيڪيورٽي عملدار ان کي ڪنٽرول نه ڪري سگھندا ۽ ان ئي گڏجاڻي ۾ اھو به مطالبو ڪيو ويو ھو ته ھو طالبانن جي ظلم خلاف سخت کان سخت موقف وٺن، جڏھن ته ورلڊ اسڪيپ مطابق تقريبن 12آمريڪي سفارتخانن آمريڪا جي پرڏيهي سيڪريٽري کي اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيو ھو ته 8 جولاءِ تي صدر بائيڊن چئي رھيو ھو ته افغان حڪومت ناڪام نه ويندي، پر 13 جولاءِ تي آمريڪي سفارتڪار آمريڪا جي انٽيلجنس ادارن کي ٻڌائي رھيا ھئا ته افغان حڪومت ناڪام ٿي ويندي ان حوالي سان ھينئر بائيڊن حڪومت سخت دٻاءُ جو شڪار آھي، آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز مطابق انٽيليجنس پاران ڏنل وارننگ باوجود اھو سوال اٿي رھيو آھي ته ڇا بائيڊن حڪومت ۽ افغانستان ۾ موجود ملٽري پلانرز طالبان جي آخري حملي لاءِ تيار نه ھئا، ايتريقدر جو ڪابل ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي ۽ آمريڪي فوجين جي واپسي لاءِ به ڪي تڪڙا اپاءَ تيار نه ڪيا ويا ھئا؟ اخبار مطابق جڏھن جولاءِ ۾ ئي ھزارين طالبان ڪيترن ئي ضلعن تي قابض ٿي ويا ھئا ۽ وڏ وڏن داخلي رستن تي طالبانن جو قبضو ٿي ويو ھو ته ان وقت انٽيليجنس ڪابل کي پيش ايندڙ خطرن جي نشاندھي ڪري ڇڏي ھئي ۽ ٻڌائي ڇڏيو ھو ته افغان حڪومت جي طالبان جي حملي جي صورت ۾ ڪا به تياري نه آھي، انٽيلجنس ادارن اھو به ٻڌايو ھو ته جيڪڏهن طالبان ائين ئي ھڪ کان پوءِ ھڪ شهر تي قبضو ڪندا رهيا ته خطرو آھي ته افغان فوج ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار نه ٿي وڃي، اخبار مطابق ڪانگريس کي ھڪ پيش ڪيل تجزئي ۾ ٻڌايو ويو ھو ته طالبان 90ع جي ڏھاڪي ۾ افغانستان تي قبضي مان ڏاڍو سبق سکيو آھي، ھاڻي پھريان ھو شھر جي داخلي رستن تي قبضو ڪندا پوءِ گادي واري هنڌ طرف وڌندا ۽ ڪابل ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ افغانستان جي شمالي علائقن تي قبضو ڪندا ۽ ھاڻي اھي سڀ ڳالھيون سچ ثابت به ٿين پيون پر بائيڊن حڪومت اھو چئي رھي آھي ته سڀ ڳالھيون اسان جولاءِ ۾ ئي طئي ڪري ڇڏيون ھيون ۽ ان وقت انٽيلجنس اھي رپوٽون ڏنيون ھيون ته افغان حڪومت ٻن سالن تائين طالبان سان مقابلو ڪندي، انھن سڀني ڳالھين مان واضح ٿئي ٿو ته آمريڪا خود ھينئر مسئلن جو شڪار آھي، شايد انھن جا معاملا کڻي پاڻ ۾ صحيح به ٿي وڃن پر دنيا جي سطح تي آمريڪا کي ان جو وڏو حساب ڏيڻو پئجي سگھي ٿو، بهرحال ڏٺو پيو وڃي ته آمريڪا جي افغانستان مان واپسي خطي ۾ نوان سياسي مسئلا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي رھي آهي، ممڪن آھي ته ايران ۽ روس به هن نئين صورتحال ۾ طالبان سان ويجها رھن ۽ پاڪستان به پنھنجو موقف صاف ڏئي چڪو آھي ته اسان”غيرجانبدار“ آهيون ۽ اسان جو ڪو به ”فيورٽ“ ناهي ۽ اھو به چيو ويو آھي ته اميد ٿا ڪيون ته طالبان پنھنجي موقف تي قائم رھندي اھڙي ڪنھن به سازش جو حصو نه ٿيندا، جنھن سان انساني حقن جي لتاڙ ٿئي، انھن سڀني معاملن کي نظر ۾ رکندي منھنجو موقف اھو آھي ته هڪ ڀيرو ٻيھر ان سڄي معاملي مان غيرجانبدار رهڻ بدران غلط کي غلط چئجي ۽ هر حال ۾ ان ڳالهه کي يقيني بَڻائجي ته افغانستان ۾ آزاد، شفاف ۽ اڻڌريون چونڊون ٿين، پوءِ ڀلي طالبان ئي کٽي اچن ۽ ڪابل انهن جي حوالي ڪيو وڃي، باقي جيڪڏهن هِڪ ڀيرو ٻيهر طالبان کي بندوق جي زور تي ڪابل فتح ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ سندن غيرقانوني حڪومت تسليم ڪئي وئي ته پوءِ نتيجا سڄي علائقي کي ڀوڳڻا پوندا، ڇو ته هي دور بندوق جو نه، بيلٽ پيپر جو آھي ۽ دنيا جا ملڪ ھينئر امن خراب ڪرڻ تي ڪنھن به قسم جي سمجھوتي ڪرڻ لاءِ تيار نه ھوندا.