103

سنڌي ٻولي ۽ مادري ٻولين لاءِ پيدا ٿيندڙ نوان خطرا…

ليکڪ: علي محمد ميمڻ

وفاقي حڪومت طرفان سموري ملڪ ۾ هڪ جهڙي تعليمي نصاب کي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان طرفان ملڪ ۾ انهيءَ نصاب کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان افتتاحي تقريب کي خطاب پڻ ڪيو ويو. وزير اعظم جو چوڻ هو ته ملڪ جا ماڻهو جيڪي انگريزيءَ ۾ تعليم حاصل ڪندا آهن اهي صرف انگريزي زبان نه سکندا آهن پر  انگريزن جو سمورو ڪلچر ۽ ثقافت به اختيار ڪري وٺندا آهن، وزيراعظم جي خطاب موجب ٻئي ڪنهن جي ثقافت اختيار ڪرڻ وڏو نقصان جو سبب آهي، ان ڪري هڪجهڙي تعليمي نظام ۾نوجوانن جي سوچ ۽ فڪر جو هڪ ئي رخ هوندو آهي، وفاقي حڪومت طرفان ملڪ ۾تعليم واري نئين مرڪزي سرشتي ۽ سموري ملڪ ۾هڪجهڙي نصاب کي لاڳو ڪرڻ بابت وزير اعظم عمران خان جي بحث هيٺ آندل خطاب جو جائزو وٺڻ سان گهڻيون ڳڻتيءَ واريون ڳالهيون واضح ٿي ويون آهن، نئين صورتحال مان معلوم ٿي رهيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان ملڪ جي آئين جي برخلاف صوبن جي آئيني ۽ قانوني حقن جي لتاڙ ڪرڻ بعد ملڪ ۾ تعليم جي پنهنجي پاليسي ۽ پنهنجا نصاب لاڳو ڪرڻ جا فيصلا ڪيا ويا آهن ۽ انهن تي پاڻمرادو عملدرآمد پڻ شروع ڪيو ويو آهي، وزيراعظم طرفان ملڪ ۾ مرڪزي نصاب لاڳو ڪرڻ واري ان ڪم جي پٺڀرائي لاءِ باقاعدي افتتاحي تقريب ۾وزيراعظم طرفان جيڪي دليل پيش ڪيا ويا انهن ۾ خطاب جو مرڪزي نقطو ملڪ ۾ انگريزيءَ ۾تعليم حاصل ڪرڻ کي هاڃيڪار ۽ ملڪ لاءِ نقصانڪار عمل قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان سان ذهنن جي غلام بڻجڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، جنهن سان نسلن جي انگريزن وانگر ٿي وڃڻ ۽ انگريزي ثقافت اختيار ڪرڻ کان بچائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، وفاقي سرڪار طرفان انگريزي تعليم واري نصاب کي تبديل ڪري ان جي جاءِ تي حڪومت طرفان تيار ڪيل مرڪزي تعليمي سرشتو ۽ نصاب ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ جي حق ۾ دليل ڏنا ويا آهن، اهڙي ريت وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم جي ڪيل فيصلن ۽ اعلانن ۾ ڪنهن به جاءِ تي ملڪ کي وفاقي مملڪت سمجهڻ ۽ ملڪ جي پنجن وڏين قومن سنڌي، پنجابي، سرائيڪي، پشتو ۽ بلوچي کي ملڪ جون قومون قرار ڏيڻ ۽ انهن قومن جي ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ رائج ٿيندڙ نئين تعليمي نصاب کي ملڪ جي قومن جي مادري ٻولين ۾ تعليم ڏيڻ جو ڪوبه واعدو، اعلان ۽ اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪئي وئي آهي، ان جي معنيٰ اها معلوم ٿي رهي آهي ته ملڪ ۾ قومي ٻولين جي جاءِ تي ٻي ڪنهن ٻوليءَ ۾ تعليمي سرشتو ۽ نصاب رائج ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ سموري ملڪ ۾تعليمي نصاب اردو يا عربي ۾لاڳو ٿي سگهي ٿو، ان سموري معاملي ۾ ڳڻتي ۽ شڪ جي اها ڳالهه آهي ته حڪومت طرفان ملڪ جي قومي ٻولين جي عالمن، اديبن ۽ ماهرن کي وفاقي تعليمي سرشتي بابت جوڙجڪ ۽ نصاب سازي لاءِ نه سڏايو ويو آهي ۽ نه ئي صوبن کي  اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، اهڙي ريت وفاقي حڪومت طرفان ملڪ ۾ هڪجهڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان جيڪي ڪجهه به ڪم ڪيو پيو وڃي ان عمل ۾ نه ملڪ جي آئين ۽ وفاقي سرشتي کي سامهون رکيو ويو آهي ۽ نه ئي صوبن کي ان معاملي ۾ اعتماد ۾ ورتو ويو آهي ۽ نه ئي انهن کان ڪجهه به معلوم ڪرڻ جي ڪا به تڪليف ڪرڻ يا لاچار سمجهڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي. جڏهن ته صوبن جي ان ڏس ۾ پيش ڪيل دليلن موجب ملڪ جي آئين موجب تعليمي نظام ۽ نصاب تيار ڪرڻ ۽ رائج ڪرڻ وفاقي حڪومت جو ڪم ۽ اختيارن ۾ شامل ئي نه آهن، اهي نج صوبن جا معاملا آهن ۽ وفاقي حڪومت ان ڏس ۾ ملڪ جي تعليمي سرشتي ۽ نصابن تي جهڙي ريت ليڪا لڳائي رد ڪري پنهنجا نصاب لاڳو ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي اهي معاملا  ملڪ لاءِ يقينن هاڃيڪار ٿي سگهن ٿا جو انگريزي کي رد ڪرڻ جي نعري تي قومي ٻولين خلاف ڪارروائيون ڪرڻ ۽ مادري ٻولين ۾ تعليم رائج ڪرڻ ۽ قومن جي هيروز، تهذيب ۽ ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ کان روڪڻ سراسر غير علمي،  غير آئيني ۽ غير قانوني عمل آهي. ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان سنڌ حڪومت جو موقف سامهون آيو آهي ته ملڪ جي آئين موجب تعليم جو سرشتو ۽ نصاب سازي نج صوبائي معاملا آهن ۽ اهي وفاقي حڪومت جي ڪمن ۽ اختيارن ۾شامل نه آهن ۽ هن وقت تائين ان ڏس ۾آئين ۾ به ڪا ترميم نه ٿي آهي. جڏهن ته صوبائي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي جاري ڪيل بيان موجب ته اسان ٻارن کي پنهنجي هيروز بابت پڙهائي رهيا آهيون، اسانجي قوم جا ماڻهو روپلي ڪولهي، مخدوم بلاول ۽ دودي سومري کي پڙهڻ چاهين ٿا ته کين پنهنجي هيروز بابت ڇو نه پڙهايون، سنڌ حڪومت ۽ صوبائي تعليم واري کاتي جي سربراهن جي بيانن مان وفاقي حڪومت ۽ صوبن ۾ لاڳاپن واري صورتحال پڻ واضح ٿي وئي آهي ته وفاقي سرڪار هڪ غير آئيني ۽ بي اصولي وارو ڪم ڪرڻ لاءِ ڏاڍ مڙسي تي لهي آئي آهي، بيشڪ! اسان جو ملڪ هڪ وفاقي مملڪت آهي ۽ اهو چئن صوبن ۽ پنجن قومن جو وفاق آهي، تنهنڪري ملڪ جي تعليمي پاليسي جيڪا به ٺاهي وڃي ان ۾ ملڪ جي وفاقي ۽ آئيني سرشتي موجب فيصلا ۽ قدم کڻڻ  ضروري ۽ لازمي آهي، خاص طور تي ملڪ جي هر قوم جي نوجوانن کي انهن جي مادري ٻولي ۽ پنهنجي ڌار ڌار ثقافت ۽ ماحول ۾ تعليم ڏيڻ ئي اهو بنيادي عمل آهي جنهن سان نسلن ۽ سماج جي مضبوط بنيادن جي واڌ ويجهه ٿئي ٿي. ان ڏس ۾ گذريل حڪومت جي دور ۾قومي ٻولين جي مڃتا وارو بل جيڪو ڪجهه سال اڳ پارليامينٽ ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو، اهو بل سينيٽ آف پاڪستان مان منظوري بعد گذريل چئن سالن کان قومي اسيمبلي ۾ منظوري لاءِ موجود آهي پر ان کي مسلم ليگ نواز وانگر پي ٽي آءِ سرڪار به سرد خاني ۾ داخل ڪري رکيو آهي، ان کي بنادير منظور ٿيڻ گهرجي ۽ قومي ٻولين، سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ جو بنادير فيصلو ڪيو وڃي، ملڪ جي سرشتي کي حقيقي معنيٰ ۾ وفاقي ۽ قومي بنيادن تي مضبوطي سان بيهارڻ ۽ ترقي جي رستي تي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجي مادري ٻولين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ هر ٻار جو بنيادي انساني ۽ آئيني حق آهي، ان ڏس ۾قدم کڻڻ اسان جي ملڪ ۽ حڪومتن جي بنيادي فرضن ۾ شامل آهي. گڏيل قومن جي اداري يونيسيف جي عالمي چارٽر موجب پڻ دنيا جي هر ملڪ ۾ ٻارڙن ۽ نسلن جي ذهني اوسر ۽ شخصيت سازي لاءِ بنيادي تعليم پنهنجي مادري زبان يا ماءُ ٻوليءَ ۾ڏيڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، اسان جو ملڪ پڻ ان عالمي چارٽر ۽ قانون تي اڳ ئي صحيحون ڪري چڪو آهي ۽ ان عالمي چارٽر تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي. افسوس ته ملڪ جي هاڻوڪي حڪومت ۽ حڪمران پنهنجي ملڪ جي تاريخي بنيادن، آئين، جمهوري ذميوارين ۽ عالمي معاهدن جون ڀڃڪڙيون ڪري پنهنجي بنيادي ذميوارين کان غفلت ۽ ملڪ کي نئين هاڃيڪارين حوالي ڪرڻ وارو عمل ڪري رهيا آهن، ان کي هر صورت ۾روڪيو وڃي ۽ حڪومت ۽ حڪمرانن کي پنهنجي اصلاح ڪرڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو