113

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ معيشت جي بهتري جون دعوائون…؟؟

ليکڪ: طفيل مگسي

عالمي بحران جتي انساني سماج کي هڪ ڇڙواڳي واري ڪيفيت ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي.اتي انهي بحران کان پاڻ سرمائيداري نظام جي تاريخي وراثت واري پت وائکي ٿي سامهون آئي آھي يعني سرمائيداري جي تاريخي نااهلي جنهن انداز سان هينئر وائکي ٿي ان جو مثال شايد ماضي ۾ به نٿو ملي، جتي هڪ پاسي غربت، بک ۽ ذھني مرض آھن ته ٻئي پاسي وڏا وڏا عاليشان محل ۽ عمارتن جا مينار آھن، اڄ اسان کي تاريخ جي بدترين اڻبرابري نظر اچي ٿي ۽ اھا ڳالھ نهايت وڏي يقين سان چئي سگهجي ٿي ته ڌرتي جي گولي تي شايد ئي ڪو اهڙو انسان هجي جيڪو ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ معاشي صورتحال کان متاثر نه ٿيو هجي، ترقي يافتا ملڪن کان وٺي ترقي پذير قومن تائين سڀ متاثر ٿيون آھن، سڄي دنيا معاشي، سماجي، سياسي ۽ جمهوري بحران جو شڪار رهي، جنهن جو سبب عالمي سطح تي پکڙجڻ واري وبا ڪووڊ-19 ھئي، نه صرف اهو پر هن وقت به دنيا جو وڏو حصو ڪورونا وائرس جو شڪار آھي، جنهن اسان جي سياسي، سماجي، نفسياتي ۽ معاشي ڍانچن کي ڌوڏي ڇڏيو آھي ۽ خاص طور تي صحت واري ڍانچي کي بلڪل چٽو ڪري ڇڏيو اٿائين، پاڪستان جي معاشي مسئلن ۾ به واڌارو ٿيو آھي ۽ ھينئر هن جو ڳاڻيٽو انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي معاشي ڏيوالپڻي جو شڪار آھن ۽ اھڙي وقت ۾ وري معشيت جي بحالي جي پڻ نڪ پڪائي سان دعويٰ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته بحالي جو مطلب اهو هئڻ گهرجي ته ماڻھن جي زندگي وارين حالتن ۾ ڪا بهتري اچي سگهي پر ان استحصالي نظام ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عام طبقي جو اهو استحصال مسلسل ڪيتري ئي عرصي کان جاري آھي، مهانگائي جيڪا آسمان کي ڇهي رهي آھي، آمدني ۾ بدترين کوٽ ۽ خوارڪ جي بي انتها وڌندڙ قيمتن ڪروڙين فردن کي صحتمند غذا کان پري ڌڪي ڇڏيو آھي، بجلي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ مسلسل ماهوار وڌارو ڪيو پيو وڃي، جي ڊي پي گروٿ نه هئڻ جي برابر آھي، پاڪستان ۾ غربت 40 سيڪڙو ٿي وئي آھي، جڏھن ته عالمي ادارا وڌيڪ قيمتن ۾ واڌ جا اشارا ڏئي رهيا آھن، ان رڪارڊ ٽوڙ مهانگائي، بيروزگاري، بک ۽ غربت عام طبقي جي فردن جي زندگين کي هڪ مسلسل عذاب واري دوزخ ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي، پاڪستاني معشيت جي هن وقت جيڪا صورتحال آھي ان تي ته ڏاڍي واويلا آھي پر ان جو ڪو به حل بورزوا دانشورن وٽ ناهي، ڪورونا جي بيماري هڪ پاسي سرمائيداري جي تاريخي نااهلي کي وائکو ڪيو آھي ته اتي ان کي تاريخ جي بدترين معاشي بحران ۾ پڻ ڌڪي ڇڏيو آھي هر پاسي معيشتون تباهه آھن، جنهن سان عالمي سطح تي بيروزگاري ڪيترن ئي ڏھاڪن تائين بلند ترين سطح تي پهچي وئي آھي، پاڪستاني معشيت بري حد تائين متاثر ٿي آهي ۽ ڪورونا کانسواءِ ٻين سببن پڻ پاڪستان جي معاشي حالت تي خراب اثر ڇڏيا آهن، اچو ته انهن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون، پاڪستاني معشيت جيڪا اڳ ئي ڳوڙھي بدحالي جو شڪار هئي ان بحران کي ڪووڊ وڌيڪ تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ بحران جي دوران معشيت جا نتيجا حڪومتي دعوائن کان نهايت مختلف ٿابت ٿين ٿا، گذريل مالي سال دوران معيشت جي اٽڪل 4 سيڪڙو شرح کي ڏسو اها حڪومتي اندازن کان وڌيڪ رهي، حڪومت جي پهرين ٽن سالن دوران معيشت جي حقيقي شرح مجموعي طور تي منفي2.1 سيڪڙو رهي، هر سال معيشت 0.4 سيڪڙو پوئتي وئي، يعني معيشت پهريون ڀيرو 38 سيڪڙو  پوئتي وئي آھي، ٻئي پاسي ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 11 سيڪڙو رهي، پاڪستان جهڙا ملڪ پنهنجي ڪمزور معاشي حالت سبب عالمي مالياتي اثرن هيٺ رهن ٿا، آءِ ايم  ايف طرفان بجلي جون قيمتون وڌائڻ تي سخت دٻاءَ وڌو پيو وڃي، انهيءَ ريت کاڌي پيتي وارين شين جي قيمتن ۾ پڻ واڌارو ڏٺو ويو آھي، پاڪستان جي عام محنت ڪش طبقي سان تعلق رکندڙ فردن کي ٽيڪس سان گڏوگڏ ٽيڪسن دوران ماھوار آمدني منجهان ڪٽوتي جو مسئلو به سامهون آھي، حڪومتي قرض انهن ٻنهي سالن دوران 124 ھزار ارب کان وڌي ڪري 135 ارب ٿي چڪو آھي، قرضن تي وياج جي ادائيگين جي 3 هزار ارب رپين کان وڌيڪ ساليانو خرچ ڪيا پيا وڃن، جنهن جو سمورو بار مهانگائي ذريعي غريب عوام تي وڌو وڃي ٿو، ٻئي پاسي صحت جي صورتحال به بهتر نه آهي ۽ ساڳي حالت تعليمي شعبي جي پڻ آھي، هن ملڪ جي روايتي حڪمرانن وٽ ڪو متبادل نظريو، پروگرام يا ڪا مضبوط حڪمت عملي نه آھي، جنهن تي عمل ڪرائي بک، غربت، بيروزگاري، بيماري ۽ مهانگائي کان محنت ڪشن کي ڇوٽڪارو ڏياري سگهي، ان جو جواب چٽي نموني نفي ۾ ايندو، اڪثريت ۾ انساني نسل کي ڏٺو وڃي ته اهو غربت ۾ پڄري رهيا آھن ۽ ٻن وقتن جي ڳڀي کان محروم آھي، پر دنيا جي ڪروڙين مزدورن کي پڻ بيروزگاري جي دوزخ ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي، مارڪس چئي ٿو ته ”بورزوا تسلط جو تختو پرولتاريا ئي اونڌو ڪري سگهي ٿو“ سرمائيداري جو جائزو ورتو وڃي ته چٽي ريت معلوم ٿئي ٿو ته سرمائيداري اسان کي بربادي، ڏکن ۽ محرومي کانسواءِ ٻيوڪجهه به ناهي ڏنو، ان ڪري محنت ڪشن، هارين ۽ نوجوانن کي طبقاتي اتحاد جي نتيجي ۾ سرمائيداري خلاف فيصلائتي ويڙھه وڙھندي سوشلسٽ انقلاب جي ذريعي هڪ سوشلسٽ، انسان دوست سماج جو بنياد رکڻو پوندو، ان ڪري محنت ڪش طبقي کي ھڪ سوشلسٽ سماج تخليق ڪرڻ لاءِ بي انتها جدوجهد ۽ محنت ڪرڻي پوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو