91

لاهور ۾ عورتون غير محفوظ ٿي ويون، رڪشا ڊرائيور ۽ سندس دوست جي ماءُ ڌيءَ سان مبينه زيادتي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ عورتون غير محفوظ ٿي ويون. رڪشا  ڊرائيور  ماءُ ڌيءَ کي ڪينٽ جي بجاءِ ايل ڊي اي ايونيو ون کڻي ويو. جوابدارن 35 ساله عورت ۽ ان جي 15 ساله ڌيءَ کي زيادتي جو نشانو بنايو. عورتن جو گوڙ ٻڌي ڪار سوار بيٺو ته جوابدار رڪشا ڇڏي فرار ٿي ويا. پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. رپورٽ مطابق لاهور ۾ رڪشا  ڊرائيور ۽ سندس دوست وهاڙي جي رهواسڻ ماءُ ۽ ڌيءَ کي چوبنگ ٿاڻي جي حد ۾ مبينه زيادتي جو نشانو بنائي ڇڏيو، پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ٻئي جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن، ٻئي طرف پوليس واقعي ۾ ملوث هڪ جوابدار عمر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، آءِ جي پنجاب موجب  ٻئي جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس ٽيمون ڪيترن ئي علائقن ۾ ڇاپا هڻي رهيون آهن جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو