اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 80 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 772 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 66 سيڪڙو، پشاور ۾ 41 سيڪڙو، ملتان 69 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 40 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 72، سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 59 سيڪڙو ۽ صوابي ۾ 65 سيڪڙو ۽ پشاور ۾55 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 53 هزار 881 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 322، پنجاب ۾ 21 هزار 289، خيبرپختونخواهه ۾ 11 هزار 814، اسلام آباد ۾ 4 هزار 343، بلوچستان ۾ 681، گلگت بلتستان ۾ 350، آزاد ڪشمير ۾ 1082 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 10 لک 12 هزار 662 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 486 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 89 هزار 919 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 11 لک 17 هزار 584 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 30 هزار 746، بلوچستان ۾ 31 هزار 845، گلگت بلتستان ۾ 9 هزار 656، اسلام آباد ۾ 96 هزار 390، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 57 هزار 148، پنجاب ۾ 3 لک 80 هزار 844 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 20 هزار 955 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 25 هزار 3 ٿي چڪو آهي، جن مان سنڌ ۾ 6 هزار 612 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 11 هزار 557 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 25 مريض اسپتالن ۾ ۽ 5 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 797 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 25 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 852 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ۾ 335 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 170 فوتگيون ٿيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 680 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 72 لک 76 هزار 450 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 639 اسپتالن ۾ 5 هزار 889 مريض علاج هيٺ آهن.
