106

پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي لاءِ انتهائي اهميت وارو آهي: پرڏيهي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه رڳو پاڪستان پر سڄي خطي لاءِ انتهائي وڏي اهميت وارو آهي، اميد آهي ته سموريون افغان ڌريون افغانستان ۾ جٽادار امن ۽ سلامتي لاءِ اجتماعيت تي ٻڌل سياسي حل کي يقيني بڻائينديون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي اهڙو اظهار پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطي ۾ ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن، افغانستان جي موجوده صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.  پرڏيهي وزير پاڪستاني قيادت طرفان سعودي عرب جي فرمان روا خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ۽ او آءِ سي طرفان افغانستان جي موجوده صورتحال تي مستقل نمائندن جو هنگامي اجلاس سڏائڻ تي سعودي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چيو ته پرامن افغانستان نه رڳو پاڪستان پر سڄي خطي لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. شاهه محمود قريشي عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها افعانستان جي نئين سر تعمير ۽ افغانين جي معاشي معاونت لاءِ عملي قدم کڻي. هن سعودي هم منصب کي ڪابل مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي ادارن جي ورڪرن ۽ ميڊيا جي نمائندن جي واپسي ۾ پاڪستان طرفان فراهم ڪيل معاونت کان به آگاهه ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻه طرفان ناتن جي موجوده نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ جو پڻ فيصلو ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو