180

هاڻي سنڌ ۾ نقلي دوائون ۽ ٻج نه هلندو، ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارووائي ٿيندي: منظور وساڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعلي سنڌ جي زراعت بابت صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ نقلي زرعي ٻج ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران بصر ۽ ٽماٽا ٻاهران گهرائڻ جي ڪري سنڌ کي ڪافي نقصان ٿيو آهي، ٽماٽا ۽ بصر ٻاهر موڪلڻ جي بجاءِ وفاقي حڪومت ايران کان گهرايا جنهن سان سنڌ کي اربين رپيا نقصان ٿيو. هن اهڙن خيالن جو اظهار زراعت کاتي جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. منظور حسين وساڻ آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وڌيڪ چيو ته زراعت کاتي جو حال خراب آهي، آءُ آفيسرن جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيان، پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪيو، آءُ اچي ويو آهيان هاڻي سنڌ ۾ نقلي دوائون ۽ ٻج نه هلندو، ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارووائي ٿيندي. منظور وساڻ چيو ته هاڻ پنجاب مان ٻج آڻن بند ڪيو وڃي، سنڌ ٻين صوبن کان وڌيڪ ڪڻڪ جو ٽارگيٽ پورو ڪيو، ايندڙ سال هارين لاءِ 5 نيون اسڪيمون شروع ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ته 2 هزار ملين جي سولر ٽيوب ويل اسڪيم سبسڊي تي ڏينداسين. منظور وساڻ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي خساري ۾ وڃڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ادارو خساري ۾ ڇو پيو وڃي ان کي بهتر بڻايو، ريسرچ ۽ پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. منظور وساڻ چيو ته ارسا پاران سنڌ کي پاڻي گهٽ ملڻ جي ڪري فصل گهٽ ٿيا ۽ سنڌ جي زراعت کي ڪافي نقصان رسيو. صوبائي صلاحڪار چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ سال 250 سو نوان واٽر ڪورس بڻائينداسين، جتي پاڻي ناهي پهچندو اتي واٽر ڪورس ٺاهيا ويندا، ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ڪمند جي نين ورائٽين تي وڌيڪ ريسرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ ۾ سيڊ کي وڌيڪ بهتر بڻايو، سنڌ جي هارين کي سبسڊي ڏينداسين، خراب ڪارڪردگي واري آفيسرن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبو. ان مو موقعي تي اجلاس ۾ سيڪريٽري زراعت، ڊي جي زراعت هدايت الله ڇڄڙو ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو