اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان رميز راجا کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جو نئون چيئرمين بڻائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، رپورٽ مطابق اڳوڻي اوپنر رميز راجا وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ کيس عهدو ڏيڻ بابت آگاهه ڪيو ويو، ذريعن مطابق وزيراعظم عمران خان ايندڙ ٽن سالن لاءِ رميز راجا کي پي سي بي جون واڳون سنڀالڻ تي راضي ڪيو آهي، عمران خان پي سي بي چيئرمين طور رميز راجا جو نالو بورڊ آف گورنرز کي موڪليندو، ڪليئرنس ملڻ بعد سندس پي سي بي چيئرمين طور مقرري جو اعلان ڪيو ويندو، هوڏانهن اڳوڻي ڪرڪيٽرن جو چوڻ آهي ته رميز راجا جي پي سي بي چيئرمين ٿيڻ سان پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ بهتري ايندي، هو بورڊ کي بهتر نموني هلائيندو.
