نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ اداڪاره انجلينا جولي افغانستان ۾ آمريڪي ناڪامي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته افغانستان ۾ شڪست بعد آمريڪي هجڻ تي شرمنده آهيان، آمريڪا افغان حڪومت ۽ طالبان ۾ امن معاهدي جو خيال ترڪ ڪرڻ، پنهنجي اتحادين ۽ حامين افراتفري جي حالت ۾ ڇڏي اچڻ تي مون کي حيرت ٿي آهي، افغانستان ۾ هيتريون وڏيون قربانيون ڏيڻ باوجود آمريڪا بهتر منصوبابندي سان ٻاهر نه نڪتو، هن چيو ته افغانستان مان ٻاهر نڪرڻ جو هڪ مهذب ۽ محفوظ طريقو به ٿي سگهيو پئي.
