اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کان مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ 6 مهينن جي مهلت گهري ورتي آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته لڳي ٿو ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون ڪرائڻ ۾سنجيده نه آهي، ان معاملي تي مناسب فيصلو ڪنداسين. ان سلسلي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر آف پاڪستان سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس سومر ڏينهن ٿيو جنهن ۾ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ حڪومت جي نمائندگي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سنڌ حڪومت ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن جو مدو 30 آگسٽ 2020ع تي ختم ٿي ويو هو. اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون مطابق 120 ڏينهن اندر اليڪشن ڪرائڻ جي پابند آهي. اليڪشن ڪميشن سڀ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن جن ۾ تڪ بندي، آفيسرن ۽ تڪبندي اٿارٽي جو نوٽيفڪيشن پهرين جون 2021ع تي جاري ڪيو ويو آهي. ان ڪري صوبائي حڪومت اليڪشن ڪميشن کي لوڪل ڪائونسلن جو انگ، نقشا ۽ ٻي ضروري ڊيٽا ڏي ته جيئن اليڪشن ڪميشن صوبي ۾ مڪاني چونڊ منعقد ڪرائڻ لاءِ تڪبنديون ڪري وٺي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت مڪاني قانونن ۾ تبديلي ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن يونين ڪائونسل، ميونسپل ڪارپوريشن، ميونسپل ڪميٽي، ٽائون ڪميٽي ۽ ٻين جي نوعيت انهن جي انگن ۽ آبادي جو ڪاٿو لڳائي سگهجي. جنهن لاءِ 6 مهينن جو وقت گهربل آهي، ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت کي آدمشماريءَ جي انهن حتمي انگن اکرن تي اعتراض آهن جيڪي سي سي آءِ جي منظوري کان پوءِ 6 مئي 2021ع تي شايع ڪيا ويا آهن، جنهن تي اسان پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل (7) 154 هيٺ اسان وفاقي حڪومت کي اپيل ڪئي آهي، جيستائين اسان جي اپيل جو فيصلو نه ٿو ٿئي صوبي ۾ بلدياتي چونڊ ڪرائڻ ممڪن نه آهي. ان کان سواءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ لوڪل گورنمينٽ اليڪشن ڪيس جيڪو پي ايل ڊي 63/2016 ع ۾ شايع ٿيو آهي ان ۾ اهو چيو آهي ته قانونن ۾ ترميم جو عمل مڪاني چونڊ شيڊيول کان 18 مهينا پهرين مڪمل ڪيو وڃي ۽ تڪبندي جو ڪم اليڪشن شيڊيول کان هڪ سال اڳ شروع ڪيو وڃي. چيف اليڪشن ڪمشنر رمارڪس ڏنا ته سنڌ حڪومت اڳ موقف اختيار ڪيو هو ته 2017ع جي آبادي جي ڪچن انگن اکرن تي اليڪشن ڪميشن تڪبندي نٿو ڪري سگهي جنهن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن صوبي ۾ تڪبندي جي عمل کي عارضي طور تي روڪي ڇڏيو هو. هاڻي جڏهن ته آبادي جا حتمي انگ اکر شايع ٿي چڪا آهن ته توهان اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته آبادي جي حتمي انگن اکرن تي سنڌ حڪومت کي اعتراض آهن. ان موقف مان اهو تاثر ملي ٿو ته صوبائي حڪومت بلدياتي چونڊ ڪرائڻ ۾ سنجيده نه آهي. جيڪڏهن پارليامينٽ ان مسئلي کي فوري حل نٿي ڪري ته ڇا صوبي ۾ بلدياتي چونڊ نه ڪرائي ويندي؟. اليڪشن ڪميشن صوبائي حڪومت جي نمائندن کان مڪاني چونڊ ڪرائڻ لاءِ ٽائيم فريم گهريو ته انهن چيو ته هو هن وقت ڪو به ٽائيم فريم ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي. اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جي نمائندن جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ته ان مسئلي تي غور ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جو ڌار اجلاس گهرائينداسين ۽ ان تي مناسب فيصلو ڪنداسين ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي هدايتون جاري ڪيون ته هو هلندڙ هفتي ان سلسلي ۾ هڪ اجلاس گهرائي.
