اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾امن مخالف قوتون اڄا به متحرڪ آهن، ڀارت کي محدود سوچ ختم ڪرڻي پوندي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان کي ڀارت جي افغانستان سان سٺن لاڳاپن تي اعتراض ناهي،فوڪس ڪنهن به هڪ گروپ تي ناهي، هن چيو ته تاجڪستان، ازبڪستان،ترڪمانستان ۽ ايران ويندس،چين سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي،ڪابل اڃا تائين ناهيان ويو، جڏهن ته افغانستان مختلف نسلن جو ملڪ آهي،اتي پشتو ۽ ٻيا ماڻهو به آهن،جيڪا به حڪومت ايندي اها وسيع بنياد تي هوندي، ڀارتي ميڊيا منهنجي ڪابل وڃڻ جي واويلا ڪري رهي آهي،مان پاڪستان ۾ ئي اهم ميٽنگون اٽينڊ ڪري رهيو آهيان.
