خيرپور (ويب ڊيسڪ) 2016ع ۾ هنڱورجا واسڻ سباس طاهرا شاهه سان پيار پرڻو ڪندڙ ڪامران لاڙڪ کي ناريءَ جي وارثن طرفان زهر ڏيئي ماري خون ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدارن ۽ فوتي جي وارثن سکر هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي جيڪا انڪوائري لاءِ خيرپور جي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج عبدالرحيم چانڊيو جي عدالت ۾ اماڻي وئي هئي، جتي ٻڌڻي دوران فوتي ڪامران لاڙڪ جي والد غلام رسول لاڙڪ، والده رخسانا، ڀاءُ عمران لاڙڪ ۽ ٻن ڀينرن فوزيا ۽ شازيا جا بيان قلمبند ڪيا ويا. جن پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ جوابدارن کي پاڪ ڪتاب تي فوتي ڪامران لاڙڪ جو خون معاف ڪري ڇڏيو آهي. فوتي ڪامران لاڙڪ جي وارثن طرفان گڏيل ٺاهه واري معاملي ۾ عدالت ۾ بيان قلمبند ڪرائڻ بعد ڪيس ۾ جوابدارن جي آزاد ٿيڻ جا امڪان چٽا ٿي ويا آهن. عدالت سندن بيان قلمبند ڪرڻ بعد انڪوائري مڪمل ڪري ڪيس جو فائيل سکر هاءِ ڪورٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته 2016 ۾ هنڱورجا جي رهواسڻ سباس طاهره شاهه ۽ ڪامران لاڙڪ گهران نڪري پيار جو پرڻو ڪيو هو. جنهن بعد سباس طاهره شاهه جي وارثن پريمي جوڙي سان ٺاهه ڪري کين دعوت بهاني گهر گهرائي کاڌي ۾ زهريلو مواد کارائي ڇڏيو هو جنهن ۾ سباس طاهره ته بچي وئي، جڏهن ته نوجوان ڪامران لاڙڪ فوت ٿي ويو هو، جنهن جو ڪيس جوابدارن احسان شاهه، تحسين حيدر شاهه، مراد شاهه ۽ شمشاد حيدر شاهه مٿان هنڱورجا ٿاڻي تي گناهه نمبر 66 سال 2016 داخل ڪيو ويو ۽ ان ڪيس ۾ چارئي جوابدار گرفتار ٿيا ۽ سينٽرل جيل خيرپور ۾ قيد ٿيا جنهن دوران هڪ جوابدار قيد واري زندگي ۾ فوت ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٽي جوابدار اڃان جيل ۾ قيد واري زندگي گذاري رهيا آهن
137