ٺل (ويب ڊيسڪ) ٺل ۾ زرعي دوائن جا اگهه وڌي ويا آهن،وفاقي سرڪار پاران پئٽرول جي اگهن ۾ مسلسل واڌ ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ اضافي کانپوءِ زرعي دوائن جا اگهه پڻ وڌي ويا آهن،گذريل سال 3600 ۾ وڪرو ٿيندڙ ڊي اي پي ڀاڻ جي ٻوري هن وقت 6350 روپيه ۾ وڪرو ٿي رهي آهي،هڪ سال ۾ 75 سيڪڙو اگهه ۾ اضافو ٿي وڃڻ جي ڪري آبادگار طبقو پريشان ٿي رهيو آهي،يوريا جي اگهه ۾ پڻ واڌ ڪئي وئي آهي،1730 روپيه ۾ يوريا وڪرو ٿي رهيو آهي،جڏهن ته ان کان علاوهه زرعي زهر،ٻج سميت ٻين ڦوهاري جي دوائن ۾ پڻ 50 سيڪڙو واڌ ٿي وئي آهي جنهن ڪري آبادگار طبقو پريشان ٿي رهيو آهي،گذريل ٻن سالن کان گدرو،ڪڻڪ ۽ سارين جو فصل نه ٿيڻ جي ڪري هن دفعي وري زرعي دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي ڪري آبادگارن پاران وفاقي سرڪار کان ڀاڻ جي اگهن ۾ لاٿ جي گهر ڪئي آهي،ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگار اڳواڻن محمد شريف،غلام فريد،عبدالرشيد ۽ ٻين ٻڌايو ته وفاقي سرڪار پاران مسلسل عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ زرعي دوائن ۽ ڀاڻ جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي،جنهن سبب گذريل سال 3600 روپيه ۾ وڪرو ٿيندڙ ڊي اي پي جي ٻوري هن وقت 6350 روپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي،زرعي دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي ڪري اسان پريشان آهيون،هنن گهر ڪئي ته ڀاڻ سميت زرعي دوائن جي اگهن ۾ لاٿ ڪئي وڃي.
