ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جوڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت ٽڪ ٽاڪر زال تي تيزاب هارڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار جوابدار ذيشان ۽ سندس دوست ملڪ مير بالاش کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي ڪيس جي جاچ آفيسر کان ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه پوليس پاران ڄاڻايل جوابدارن کي پيش ڪرڻ تي ڏنو. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار ذيشان جي گهرواري ٽڪ ٽاڪر آهي جنهن جي موبائل مان معلومات حاصل ڪئي وئي آهي. جوابدار جي گهرواري غير مردن سان ويڊيوز ٺاهي پنهنجي مڙس کي موڪليندي هئي جنهن تي مڙس سندس اهڙين حرڪتن کان تنگ اچي مٿس تيزاب هاريو جنهن جو جوابدار اعتراف به ڪري چڪو آهي. جاچ آفيسر موجب جوابدار پنهنجي دوست ملڪ مير بالاش کان تيزاب حاصل ڪيو هو جنهن کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو آهي. جوڊيشل مئجسٽريٽ سينٽرل جي عدالت ڪراچي جي نيو ڪراچي واري علائقي ۾ پنهنجي اڳوڻي مڙس تي تيزاب هارڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ملزمه شبانه ڪوثر کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه پوليس پاران ڄاڻايل ملزمه کي پيش ڪرڻ تي ڏنو. ڪالهه ٻڌڻي دوران متاثر نوجوان جي وڪيل ايم عمران عدالت کي ٻڌايو ته منصوبابندي تحت اها واردات ڪئي وئي، ملزمه ان کان اڳ ٻه نڪاح ڪري چڪي هئي جڏهن ته متاثر نوجوان سان سندس ٽين شادي هئي. وڪيل وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته ملزمه پنهنجن اڳوڻن مڙسن سان ملندي رهندي هئي جڏهن ته متاثر نوجوان عثمان ڄاڻايل عورت کي 22 آڪٽوبر تي طلاق ڏني هئي. جاچ آفيسر موجب پوليس ملزمه کي لياقت آباد واري علائقي مان گرفتار ڪيو هو. ياد رهي ته 19 آگسٽ تي محمد عثمان تي سندس اڳوڻي گهرواري شبانه سندس چهري تي تيزاب هاري فرار ٿي وئي هئي جنهن جو ڪيس نيو ڪراچي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.
107