114

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ڪارروايون، زال مڙس سميت 24 جوابدار گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس مختلف ڪارروايون ڪري زال مڙس سميت 24 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار، منشيات ۽ ٻيو سامان هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. اسٽيل ٽائون پوليس اسنيپ چيڪنگ دوران شڪي ڪار جي تلاشي ورتي ته ڪار مان 20 ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ آيو. پوليس ڪار ۾ موجود زال مڙس سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ ارشاد سندس زال حميده، محبت خان ۽ غلام عباس شامل آهن. پوليس موجب گرفتار جوابدار منشيات کي محفوظ ھنڌ تي پهچائڻ لاءِ فيملي کي استعمال ڪندا هئا. پوليس جوابدارن جي قبضي مان چرس، ڪار ۽ موبائل فون ھٿ ڪري وڌيڪ پڇاڳاڇا شروع ڪري ڏني آهي. قائد آباد پوليس ڪارروائي ڪري منشيات وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث انتهائي گھربل جوابدار فرحان عرف شينا ۽ ظاھر عرف ملنگ کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار جوابدار ضلعي جي مختلف علائقن ۾ منشيات سپلاءِ ڪندا هئا. هوڏانهن سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪري قتل ۾ ملوث جوابدار عرفان عرف طوفان کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار جوابدار جي قبضي مان ھٿيار ۽ چوري ڪيل موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي. پوليس موجب جوابدار ٻين ساٿين سان گڏجي 11 آگسٽ تي پيٽرول پمپ تي واردات دوران مزاحمت تي شھري شڪيل کي قتل ڪيو ھو. مقتول شڪيل پي ايس او پيٽرول پمپ تي ڪيشيئر هو جوابدار ان کان رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويو ھو. سائيٽ اي پوليس ميٽرو ول سائيٽ ۾ ڪارروائي ڪري لکين رپين جي ماليت جي نان ڪسٽم سوپاري ۽ ڊرائي فروٽ اسمگلنگ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي جوابدار سيد علي ولد عبدالغفار کي گرفتار ڪري ڊمپر نمبر ٽي ڪي اي 651 ۾ اسمگلنگ 22000 ڪلو سوپاريون ۽ 6000 ڪلو درائي فروٽ ھٿ ڪري ورتو . اقبال مارڪيٽ پوليس رئيس امروٽي سيڪٽر ساڍا 12 ۾ ڪارروائي ڪري جوابدار احسن ملڪ ولد نصير ملڪ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ھڪ ڪلو کان وڌيڪ چرس ۽ روڪ رقم ھٿ ڪري ورتي. پوليس موجب جوابدار اڳ به  پوليس ھٿان گرفتار ٿي جيل وڃي چڪو آهي. نيپئر، گارڊن، ڪلاڪوٽ، رسالا ۽ نبي بخش ٿاڻن جي پوليس ڪارروائي ڪري 7 منشيات فروشن فرحان ولد محمد جميل، محمد فيصل ولد فدا محمد، شعيب عرف شيخر ولد محمد يوسف، ساجد عرف مشڪا ولد عبدالوحيد، اسماعيل عرف جاويد ولد عبدالڪريم، محمد شريف ولد ابراھيم  ۽ نجيب ولد محمد حبيب کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان وڏي تعداد ۾ منشيات ھٿ ڪري ورتي. عزيز آباد ٿاڻي جي پوليس ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪري منشيات فروش سيد قاسم عباس ولد سيد گلزار حسين ڪاظمي کي گرفتار ڪري ورتو. اورنگي پوليس ڪارروائي ڪري ڦر سميت ٻين ڪيترن ئي ڏوھن ۾ ملوث 5 جوابدارن نبي حسين ولد اسلام، شفيع عالم ولد محمد حنان، محمد شھزاد ولد ساجد حسين، يوسف ولد شبير احمد ۽ امير حسين ولد اسلام کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو