ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو عوامي هنڌن تي مردن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪرڻ تي پنهنجي وضاحت ڪندي چيو آهي ته مردن کي گهرڀاتين کانسواءِ عوامي هنڌ تي نه وڃڻ ڏنو وڃي، انهن کي مائرن، ڀينرن، ڌيئرن ۽ گهروارين کانسواءِ اڪيلو وڃڻ جي اجازت نه هجي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته جيڪڏهن اهي عوامي هنڌن تي اڪيلا ويا ته عورتن تي ٻيهر حملو ڪرڻ جو سچيندا، عورتن تي روزانو ٿيندڙ اهڙي قسم جي واقعن کي روڪڻ جو ٻيو بهتر آپشن ناهي.
