اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز جي پاڻمرادو نوٽيس تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ 2 رڪني بئنچ جي فيصلي کي معطل ڪرڻ کانسواءِ عملدرآمد روڪيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ صحافين تي مبينا حملن ۽ ڪيسن خلاف پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو، ڪيس کي انهي بئنچ جي آڏو 26 آگسٽ تي فڪس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
