122

سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران سئي سدرن گئس ڪمپني رپورٽ تي بي اطميناني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گئس پيدا ڪندڙ علائقن ۾ گئس فراهمي ۽ ترقياتي ڪمن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سئي سدرن گئس ڪمپني جي رپورٽ تي عدالت بي اطميناني ظاهر ڪئي، رپورٽ ۾ ايس ايس جي سي طرفان 98 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، جسٽس ڪي ڪي آغا رمارڪس ڏيندي چيو ته گذريل رپورٽ ۾ 85 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، تفصيلن سان ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي منصوبي تي ڪيترو ڪم ٿي چڪو آهي؟ سنڌ سرڪار ترقياتي اسڪيمز بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي، ٽن مهينن کانپوءِ ٻڌڻي رکڻ جو مقصد هو ته سموريون شيون تفصيل سان پيش ڪيون وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو