ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ وفاقي آفيسرن جو انگ وڌائڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي وفاقي سرڪار پاران سنڌ ۾ آفيسرن جو تعداد وڌائڻ بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت 12 مارچ 2021ع تي نوٽيفڪيشن ذريعي سنڌ ۾ وفاقي آفيسرن جو تعداد وڌائي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ وفاقي آفيسرن جو تعداد 97 مان وڌائي 326 ڪيو ويو هو. وڪيل وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته سول سروس رولز 1954 آئين جي ڪيترن ئي آرٽيڪلز جي خلاف آهي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت طرفان جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي وئي آهي. عدالت ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي 9 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
