ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته احتساب جي نالي تي نام نهاد عمل کي ٽي سال گذري ويا آهن، ڪيسن جي سببن کي پورو پاڪستان ڄاڻي، آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ڏسو اربين رپين جا اسڪينڊل موجود آهن، نيب کي حڪومت جي ڪرپشن نظر نه ٿي اچي جڏهن ته ملڪ جو سڀ کان وڏو ڪرپٽ ادارو نيب آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ڪالهه احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين خلاف پي ايس او ۾ غير قانوني ڀرتين بابت نيب پاران داخل ڪيل ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيلن ۽ گواهن کي 20 سيپٽمبر تي وقت سر عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران پي ايس او جي سربراهه ايڇ آر سميره منظر عدالت ۾ پيش ٿي. ان موقعي تي جوابدارن جي وڪيلن پاران مهلت طلب ڪرڻ تي ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي 20 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جي وڪيلن ۽ گواهن کي وقت سر عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ڪا ڪالوني يا پراجيڪٽ اهڙو ناهي جنهن جي مالڪن کان نيب ڪروڙين رپيا وصول نه ڪيا وهجن، نيب اپوزيشن کي دٻائڻ جو دارو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو اڄ نيب کي استعمال ڪري رهيا آهن سڀاڻي انهن کي به جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسي جو ڪو پتو ئي ناهي افغانستان بابت فيصلا بند ڪمرن ۾ نه ٿيڻ گهرجن افغان پاليسي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ طئي ڪئي وڃي. شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته افغانستان جي جنگ ۾ اسان ڪروڙين پناهگيرن کي پناهه ڏني آهي. هن چيو ته افغانستان مسئلي تي پارليامينٽ مان غير تڪراري پاليسي جوڙي وڃي ڇو ته جيستائين ملڪ آئين تحت نه هلندو اسان اڳتي وڌي نه ٿا سگهون تنهن حقيقتون عوام جي آڏو اچڻ گهرجن. هن چيو ته افغانستان جي جنگ ۾ پاڪستان جو تمام وڏو نقصان ٿيو آهي هاڻ اهو طئي ڪري وٺو ته عوام جي راءِ جو احترام ڪرڻو آهي يا پوءِ اليڪشن چوري ڪرڻي آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته موجوده حڪومت جي ٽن سالن جي نااهلي تي وائيٽ پيپر شايع ڪنداسين.
