97

بلاول ڀٽو سان بلوچستان جي صوبائي صدر ۽ حيدرآباد ضلعي اڳواڻ جي ملاقات

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو پ پ بلوچستان جي صوبائي صدر مير چنگيز خان جمالي ۽ روزي خان بلاول هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ بلوچستان بابت سياسي ۽ تنظيمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته ٻنهي اڳواڻ پارٽي چيئرمين کي صوبي ۾ پ پ جي سياسي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني. هوڏانهن  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو پ پ حيدرآباد ضلعي جي اطلاعات سيڪريٽري اسماعيل وساڻ سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مون سميت پوري پارٽي اوهان سان ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ ڌڻي در دعا آهي ته رب پاڪ مرحومه کي جنت الفردوس ۽ سوڳوار خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو