لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته مافياز تبديلي جي نالي تي ملڪ ۽ قوم کي لٽي رهيا آهن. تحريڪ انصاف هڪ قبر کوٽي احتساب ۽ انصاف کي ان ۾ دفن ڪري ڇڏيو آهي. وزير اعظم قوم سان ڪيل هڪ به واعدو پورو ناهي ڪيو. ظالم اشرافيه ماڻهن جو جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي. مهانگائي ، بيروزگاري ۽ غربت جي ڪري ماڻھو بک وگھي مري رھيا آھن. آءِ ايم ايف کان سخت شرطن تي قرض حاصل ڪرڻ ملڪ جي آزادي ۽ خودمختياريءَ کي گروي رکڻ جي برابر آھي. غير ملڪي بادشاھن کي خوش ڪرڻ لاءِ ٺاهيل معاشي ، پرڏيهي ۽ داخلا پاليسي رياست جي اتحاد ، طاقت ۽ استحڪام کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي ۽ اڳيان هلي ڪري سخت خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿي انھيءَ لاءِ ضروري آھي ته اھڙي پرڏيهي پاليسي ٺاھي وڃي جيڪا ويجھي قومي مفاد جي مطابق ھجي. مان حڪمرانن کي گذارش ڪريان ٿو ته اهي افغانستان ۾ اسلامي رياست کي تسليم ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه ڏيکارين ۽ نه ئي آمريڪا ۽ يورپي طاقتن ڏانهن ڏسن. يقين آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ايندو ۽ پاڪ افغان تعلقات مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. افغانستان ۾ايمان ۽ آزاديءَ جي جذبي جي فتح جڏھن ته مادي وسيلن ۽ استعمار ۽ ان جي نظام کي کليل شڪست ملي آهي. امت مسلمه کي غلام نه ٿو بڻائي سگهجي. اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن آزاديءَ جو سج ڪشمير ۽ فلسطين مٿان طلوع ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻن سان ڳالهائيندي ڪيو. سنڌ جو دورو ڪرڻ کان پوءِ جماعت اسلامي جو امير سراج الحق سومر تي لاهور پهتو.
