122

درد ۽ پيڙا جو داستان بڻجي ويل عورت‎‎ ۽ اسان جو معاشرو….

ليکڪ: بشير جانوري 

جڏھن ڪي واقعا رونما ٿيندا آھن ته اھي ان سماج جي نفسيات کي ظاھر ڪرڻ سان گڏوگڏ اتان جي اخلاقي معيار، سھپ ۽ رواداري کي پڻ ظاھر ڪندا آھن.اخلاق کان عاري سماج ڪوڙ، مڪاري، عدم برداشت ۽ ٻين جا پير ڪڍڻ ۾ پورا ھوندا آھن، اتي اميرن لاءِ ته انصاف موجود ھوندو آھي پر غريب حق ۽ سچ تي ھوندي به سولي چاڙھيا ويندا آھن يا زندانن جي زينت بڻجي ميڻ بتي جيان پگھرجي ھميشه ھميشه لاءِ ختم ٿي ويندا آھن.اسان لڳ ڀڳ مُني صدي جو سفر پورو ڪري چڪا آھيون پر اڳتي وکون وڌائڻ بدران اھڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسندا پيا وڃون جتان نڪرڻ کڻي ناممڪن نه ھجي پر مشڪل ضرور آھي.اسان بظاھر ته پاڻ کي سڌريل ۽ عقل ڪُل سمجھي ٻين کي نيچ سمجھندا رھيا آھيون پر جڏھن اندر ۾ جھاتي پائي نھاريون ٿا ته اندر کوکلو آھي.انسانيت نالي اسان ۾ اھڙي ڪا به شيءِ ناھي بچي جنھن تحت ڳاٽ اوچو ڪري چئي سگھون ته ھا ٻيلي اسان ۾ ھيءَ شيءِ چڱي آھي، اسان جنھن سماج ۾ رھون ٿا اتي انساني واقعا ڏسي انسانيت تان ئي روح کڄيو وڃي.اسان وٽ غريب طبقو ته عذاب ڀوڳي ٿو پر ان کان وڌيڪ عذاب نياڻين سان روا رکيو ويو آھي.عورت کي ھٿ جو رانديڪو سمجھي جتي ٽوڙڻ چاھيون ٽوڙي ڦٽو ڪري ڇڏيندا آھيون.عورت جنھن عذاب، جنھن پيڙا، جنھن درد مان گذري ٿي تنھن جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آھي.اسان وٽ ھونئن ته پھريان به عورت دشمن واقعا برپا ٿيندا رھيا آھن پر تازو ٻه واقعا اھڙا ٿي گذريا آھن جن جي ڪري ھر ھڪ ماڻھو رنجيده آھي.غلام الله ويجھو ڳوٺ اشرف چانڊيو ۾ مظلوم نياڻي جي لاش کي قبر مان ڪڍي بيحرمتي ڪئي وئي.نياڻي گھر جي زينت ۽ والدين جي عزت ھجي ٿي.وحشي ۽ درندا ماڻھو پنھنجي جنسي حوس پوري ڪرڻ لاءِ نياڻين جي پويان لڳل رھن ٿا، مرڻ پڄاڻان به اھڙو ڪڌو فعل ڪيو وڃي ته پوءِ آخر انسانيت نالي ڪھڙي شيءِ بچي ٿي.اڄ ڏينھن تائين جانور به اھڙو ڪم ناھي ڪيو.اھڙي انسانيت تي ماتم ڪجي يا پنھنجي موت مري وڃجي.اسين آخر ڪاڏي پيا وڃون. ٻيو لاھور ۾ مينار پاڪستان تي برپا ٿيل واقعو آهي، جنھن ۾ هڪ عورت مٿان چار سئو ماڻهن حملو ڪري سندس آبرو سان کيڏيو ۽ اها ھسيل ھرڻي پنھنجي عزت ۽ آبرو بچائڻ لاءِ دانھون ڪوڪون ڪندي رھي پر ڪنھن به مدد نه ڪئي ويتر مٿس ٽوڪون ۽ ٺٺولون ڪندا رھيا.دانھن آھه ۽ زاري ڪجي ته آخر ڪٿي ۽ ڪھڙي ھنڌ ڪجي.ھر ھنڌ سُڃ واڪا پئي ڪري.انصاف جا در بند آھن، ان ڪري مظلوم انصاف جي ڳولا ڪندي به انصاف تائين رسائي حاصل نٿا ڪري سگھن.آخر اھو المين جو جھان ڪينئن جڙيو آھي وحشت ۽ دھشت جي راڪاس گھرن جا گھر اجاڙي ماڻھن جو من ملول ۽ ماندو ڇو ڪيو آھي.انسان انسان جو ويري ۽ جانور ڇو بڻيو آھي انھن سڀني سوالن جو جواب تلاش ڪرڻ ڪو مشڪل به ناھي.جيستائين ڏاڍا ماڻھو انصاف کان مٿانھان ٿي ظلم ۽ بربريت جاري رکندا.کانئن ڪو حق حساب نه ٿيندو تيستائين اھا وحشت ۽ ماراماري برقرار رھندي.سماج کي بھتر ۽ پرسڪون بنائڻ لاءِ نصاب تي به ڌيان ڏيڻ گھرجي اخلاقيات بابت مواد کي شامل ڪري نوجوان نسل کي آگاھي فراھم ڪئي وڃي.جيستائين اخلاقي قدر تنزلي جو شڪار رھندا تيستائين پرامن آسودو ۽ براين کان پاڪ معاشرو جڙي ڪونه سگھندو. گڏوگڏ اسان کي سزا ۽ جزا واري انصاف ۽ قانون جي نظام کي به مضبوط ڪرڻو پوندو ۽ قانون سڀني لاءِ جي سري هيٺ هر ڏوهاري کي سزا ڏيڻي پوندي، ڇو ته اهو دنيا جو مڃيل اصول آهي ته جيستائين ڏوهارين کي لوهي هٿن سان منهن نه ڏبو، تيستائين مسئلا حل نه ٿيندا، جيڪڏهن سزا ۽ جزا جو تصور ختم ٿي ويندو ته پوءِ سماج ۽ معاشرن ۾ ان قسم جا واقعا ڏينهون وڌي ويندا، اڄ ڏينهن تائين عورتن سان برو سلوڪ ڪندڙ ڪنهن به جوابدار کي ڪا سخت سزا ناهي ملي، جنهن سبب انهن جو حوصلو وڌيل آهي ۽ انهن جي ان وڌيل حوصلي کي پست ڪرڻ لاءِ سزا هجڻ ضروري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو