112

ٻه قومي نظريو ۽ طالبان جي فتح ڪيل افغانستان جون حالتون…

ليکڪ: اعزاز سيد

جئين ئي آئون طورخم جي رستي افغانستان ۾ داخل ٿيس ته اتي شلوار قميض، ڪاري پڳڙي ۽ ڊگهن ذلفن واري طالب مسڪرائيندي استقبال ڪيو، ماضي جي ابتڙ هتي ڪنهن قسم جي اميگريشن يا رجسٽريشن جو نظام موجود نه هو، طالبان هر هنڌ بندوقون کڻي بيٺل هئا، جڏهن ته افغانستان بدران هاڻ ڪلمه طيبه تي ٻڌل طالبان جو اڇو جهنڊو هر هنڌ جهومي رهيو هو، اسان کي مقامي طالبن انچارج کان اجازت وٺي اڳتي وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي، اسان ڪابل لاءِ ڪرائي تي گاڏي حاصل ڪئي ۽ روانا ٿي وياسين، اسان جو ڊرائيور نوجوان لال خان هو، شام جو 4 وڳي جو وقت هو، هن ٻڌايو ته طالبان جي اچڻ سان امن جو مسئلو حل ٿي ويو آهي، هن مطابق طالبان جي اچڻ کان اڳ تائين هو شام جو ان روڊ تي سفر نه ڪري سگهندا هئا پر هاڻ بي فڪري سان سفر ڪن پيا. رستي ۾ مختلف هنڌن تي هٿياربند طالبان هر شهريءَ جي داخلا واري رستي تي موجود هئا ۽ گاڏيون روڪي پڇا ڳاڇا ڪري رهيا هئا. حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته آئون مغربي لباس يعني جينز ۽ شرٽ ۾ هئس ۽ خيال هو ته اهو ويس کين نامناسب لڳندو پر اهڙو ڪجهه به نه ٿيو، ڪنهن به مون کي منهنجي لباس جي حوالي سان ڪجهه نه چيو ۽ سڀ احترام سان مليا، طورخم کان ڪابل 228 ڪلوميٽر يعني گهٽ ۾ گهٽ 4 ڪلاڪن جو سفر آهي، رستي ۾ سڀ کان پهريان جلال آباد اچي ٿو، اسان اتي پهتاسين ته مرڪزي چوڪ تي افغانستان جو قومي جهنڊو جهومي رهيو هو، سوچيو ته بازار ۾ وڃي ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي، ٺيلها لڳل هئا پر دڪان بند هئا، ٿوري ئي دير اڳ اتي قومي جهنڊي جي حوالي سان ڪو احتجاج به ٿيو هو، ماڻهن ٻڌايو ته طالبان جي ڪنٽرول سنڀالڻ سان ئي مهانگائي وڌي وئي آهي، هتي اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي، افغان ڪرنسي کي چيو وڃي ٿو ته اها پاڪستان کان وڌيڪ مضبوط آهي، يعني پاڪستان جا 2 رپيا  افغانستان جي هڪ افغاني جي برابر آهي. هڪ ماڻهو چيو ته عام شهري طالبان جي ڪري ڪنفيوزن جو شڪار آهي، ڇو ته طالبان ته پنهنجن جهنڊن سان گاڏين تي گهمي رهيا آهن پر ڪجهه ماڻهو گهرن مان هٿيار کڻي بازارن ۾ پاڻ کي طالبان سڏرائين ٿا ۽ وردي نه هجڻ ڪري اسان ڪنفيوز آهيون، ڪهڙا طالبان آهن ۽ ڪهڙا نه؟ ٿوري دير ۾ اڳتي وڌي وياسين، روڊ تي رستي ۾ هڪ هوٽل  تي اسان کي طالبان جو جهنڊو لڳل هڪ گاڏي نظر آئي ته اسان به اتي طالبان سان ڳالهه ٻولهه لاءِ لهي پياسين، اهي اسان سان کلي مليا، انهن سان محمد ايوب نالي هڪ شخص به موجود هو، جنهن پاڻ کي طالبان اڳواڻ طور متعارف ڪرايو، هو سٺي اردو ڳالهائي رهيو هو ۽ ڪنهن زماني ۾ جنرل حميد گل سان به ملندو رهيو هو. هن مون کي دعوت ڏني ته آئون ان سان گڏ ڪار ۾ سوار ٿي وڃان ڇو ته هو به ڪابل وڃي رهيو هو، رستي ۾ ڪچهري به ٿيندي رهندي مون پنهنجي ڪئميرامين کي ٻڌايو ته هو اسان کي فالو ڪن ۽ آئون ان سان گڏ ويهي رهيس، ايوب ٻڌايو ته هو پاڪستان کان اچي رهيو آهي، هن طالبان وفد سان گڏ جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ سان به ملاقات ڪئي آهي ۽ جماعت الدعوه جي به هڪ اهم اڳواڻ سان مليو آهي، هن چيو ته هاڻ افغانستان ۾ امن هوندو، هتي خوشحالي ايندي، ايوب کان پڇيو ته اهو ٻڌايو ته طالبان پاڪستان سان ڪيئن رهندا ۽ سڀ کان اهم اهو ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان کي نشانو بڻائيندي ته ڇا ان سان پاڪستان جو نقصان نه ٿيندو؟ ايوب چيو ته نه اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته اوهان ڏسجو ان حوالي سان جلد اسان جو پاليسي بيان به ايندو. ڪابل جي داخلي رستي پل چرخي تي طالبان وڏي تعداد ۾ بيٺل هئا، اسان کي به روڪيو ويو، پوءِ فون تي اسان بابت هدايتون ورتيون ويون ۽ اسان کي ڪابل ۾ داخلا جي اجازت ملي وئي، رات جو تقريبن 10 ٿي چڪا هئا، هتان ڪئناڊا جو سفارتخانو آهي ۽ افغانستان مان نڪرڻ جا خواهشمند هتي گڏ آهن، ٿورڙو اڳتي نڪتاسين ته ارگ يعني صدارتي محل طرف ويندڙ رستي تي ان کان به وڏو ميڙ هو، خبر پئي ته هتي فرانسيسي سفارتخانو آهي ۽ ماڻهو ويزا جي اميد تي آيل هئا، هوٽل ۾ سامان جي منتقلي کانپوءِ ٻيهر ٻاهر نڪتس ۽ فوٽ پاٿ تي هلڻ لڳس، هتي هلڻ ڏکيو هو، ڇو ته عورتون ۽ ٻار به موجود هئا، ڏک ٿي رهيو هو ته اهي ٻن ٽن راتين کان هتي ترسيل هئا، عورتون برقعن ۾ هيون اڃا ڪجهه ڏينهن اڳ هتان ان هنڌ تي عورتن کي مقامي يا مغربي لباس ۾ ڏٺو هو، مون کي لڳي رهيو هو ته ڄڻ طالبان سان گڏ برقعا به ڪابل شهر ۾ اچي ويا آهن. جيڪي ڪجهه پئسي وارا هئا، اهي گاڏين ۾ پنهنجي خاندان سان سفر ڪري رهيا هئا، رات جو 11 ٿي چڪا هئا، انهن جي چهري تي پريشاني ظاهر هئي، هٿياربند طالبان هر هنڌ موجود هئا، اڇي رنگ جي جهنڊي تي ڪاري رنگ سان لکيل ڪلمه طيبه سندن سڃاڻپ هئي، هتي آئون سوچي رهيو هئس ته اڄ جو افغانستان دراصل ٻه قومي نظريي جي وڌيڪ چٽي تصوير آهي، هڪ طرف طالبان آهن، جيڪي مذهب کي اهميت ڏين ٿا ۽ جيڪي طالبان ناهن اهي اسلام کي ته پنهنجو مذهب تسليم ڪن ٿا پر انهن جي ويجهو انهن جي قوميت جو بنياد مذهب بدران انهن جو افغان هجڻ آهي، افغانستان ۾ 2 قومي نظريي ۾ في الحال طالبان فتح حاصل ڪري ورتي آهي. پر ڏسڻو اهو آهي ته طالبان مختلف نظريا رکندڙن سان ڪهڙو سلوڪ ڪن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو