126

افغانستان سلطنتن جو قبرستان….

ليکڪ: ناربرٽو پريڊيس

افغانستان ۾ آخر اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جو ان کي پوري دنيا ”سلطنتن جي قبرستان“ جي نالي سان ڄاڻي ٿي، آخر آمريڪا، برطانيا، سوويت يونين سميت دنيا جون سموريون وڏيون طاقتون ان کي کٽڻ جي ڪوشش ۾ ڇو ناڪام ٿيون، هي هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب افغانستان جي تاريخ ۽ ان جي جاگرافي ۾ لڪل آهي، 19 هين صديءَ ۾ برطانوي سلطنت جيڪا ان وقت دنيا جي سڀ کان طاقتور سلطنت هئي ان پنهنجي پوري طاقت سان افغانستان کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر 1919ع ۾ برطانيا کي نيٺ افغانستان ڇڏي وڃڻو پيو ۽ افغانين کي آزادي ڏيڻي پئي، ان کانپوءِ سوويت يونين 1979ع ۾ افغانستان تي حملو ڪيو، ان جو ارادو اهو هو ته 1978ع ۾ بغاوت ذريعي قائم ڪيل ڪميونسٽ حڪومت کي ڪرڻ کان بچايو وڃي پر ان کي اهو سمجهڻ ۾ 10 سال لڳا ته هو اها جنگ کٽي نه سگهندا، برطانوي سلطنت ۽ سوويت يونين وچ ۾ هڪ هڪجهڙائي آهي، جڏهن ٻنهي سلطنتن افغانستان تي حملو ڪيو ته اهي پنهنجي طاقت جي عروج تي هئا پر ان حملي سان آهستي آهستي ٻئي سلطنتون به ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿيڻ لڳيون، 2001ع ۾ آمريڪي قيادت ۾ افغانستان تي حملو ٿيو ۽ ڪيترن ئي سالن جي هلندڙ ان جنگ ۾ لکين ماڻهو مارجي ويا، ان حملي جي 20 سالن کانپوءِ آمريڪي صدر جوبائيڊن افغانستان مان فوج کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهو هڪ تڪراري فيصلو هو، جنهن تي سڄي دنيا ۾ سخت تنقيد ڪئي وئي، ان هڪ فيصلي جي ڪري طالبان افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل تي تيزي سان قبضو ڪري ورتو آهي، بائيڊن پنهنجي فيصلي جو دفاع ڪندي چيو آهي ته آمريڪي شهرين کي اهڙي جنگ ۾ مرڻ نه گهرجي، جنهن کي افغان پاڻ وڙهڻ لاءِ تيار نه هجن، بائيڊن افغانستان جي سلطنتن جي قبرستان جي طور تي شهرت کي ياد ڪندي چيو آهي ته ڀلي ڪيتري ئي فوجي قوت ڇو نه لڳايو هڪ مستحڪم، متحد ۽ محفوظ افغانستان حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي.ويجهين صدين ۾ افغانستان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دنيا جي طاقتور فوجن لاءِ افغانستان هڪ قبرستان ئي ثابت ٿيو آهي، شروعات ۾ انهن حملو ڪندڙ لشڪرن کي ڀلي ڪجهه ڪاميابي ملي هجي پر انت ۾ انهن کي افغانستان ڇڏي ڀڄڻو پيو آهي، افغانستان جي تاريخ تي ”افغانستان سلطنتن جو قبرستان“ نالي ڪتاب لکندڙ ۽ دفاع ۽ پرڏيهي پاليسي جي تجزيي نگار ڊيوڊ اسبي چيو آهي ته ائين نه آهي ته افغان ڪافي طاقتور آهن، پر افغانستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان جو سبب حملو ڪندڙ  قوتن جون غلطيون آهن.

وڏين طاقتن کي شڪست ڇو ٿي؟: اسبي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن غير جانبداري سان ڏٺو وڃي ته افغانستان هڪ ڏکيو هنڌ آهي، هي هڪ پيچيده ملڪ آهي، جتي انفرااسٽرڪچر جي صورتحال خراب آهي، تمام محدود ترقي آهي ۽ هي خطو هر طرف زمين سان گهيريل آهي. بهرحال اسبي جو چوڻ آهي ته سوويت يونين، برطانيا يا آمريڪا ڪنهن به سلطنت افغانستان سان لچائپ جو مظاهرو ناهي ڪيو، هو پنهنجي راهه ڄاڻڻ چاهيندا هئا ۽ اهي ويا به پر انهن ڪڏهن به افغانستان ۾ موجود پيچيدگين کي نه سمجهيو، اڪثر چيو وڃي ٿو افغانستان کي فتح ڪرڻ ناممڪن آهي، اهو هڪ غلط بيان آهي، ايرانين، منگولن ۽ سڪندر افغانستان کي فتح ڪيو آهي، پر اها ڳالهه يقيني آهي ته اها اهڙي دليري آهي جنهن جي قيمت ادا ڪرڻي پئي ٿي ۽ ان کان اڳ ڪابل تي حملو ڪندڙ آخري 3 وڏيون سلطنتون پنهنجي ڪوششن ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن.

برطانوي سلطنت ۽ ٽي حملا: 19 هين صديءَ جي اڪثر حصي ۾ افغانستان وچ ايشيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ برطانوي ۽ روسي سلطنتن وچ ۾ جنگ جي اهم اسٽيج هو، ان سان لاڳاپن سان روس ۽ برطانيا وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين سفارتي ۽ سياسي ڇڪتاڻ جاري رهي، جنهن ۾ نيٺ برطانيا جي سوڀ ٿي، پر برطانيا کي ان جي وڏي قيمت به ڏيڻي پئي.برطانيا افغانستان تي 1839ع ۽ 1919ع وچ ۾ 3 ڀيرا حملا ڪيا ۽ چئي سگهجي ٿو ته برطانيا ٽئي ڀيرا ناڪام رهيو، 1839ع جي پهرين اينگلو افغان جنگ ۾ برطانيا ڪابل تي قبضو ڪري ورتو، ڇو ته برطانيا جو خيال هو ته جيڪڏهن هن اهو قدم نه کنيو ته روس ڪابل تي قبضو ڪري وٺندو، ان جي ڪري برطانيا کي تاريخي شڪست ڏسڻي پئي، ڪجهه قبيلن دنيا جي طاقتور ترين ملڪ جي فوج کي معمولي هٿيارن سان تباهه ڪري ڇڏيو. ٽن سالن جي حملي بعد نيٺ افغانستان حملو ڪندڙ فوج کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، 6 جنوري 1842ع تي جيڪي 16000 فوجي برٽش ڪئمپ کان جلال آباد روانا ڪيا ويا هئا انهن مان صرف هڪ برطانوي شهري زندهه واپس موٽيو، اسبي ٻڌائي ٿو ته ان جنگ ننڍي کنڊ ۾ برطانيا جي توسيع پسنداڻي پاليسي کي ڪمزور ڪيو ۽ ان تصور کي به نقصان پهچايو ته انگريز شڪست کائي نٿا سگهن. 4 ڏهاڪن کانپوءِ برطانيا هڪ ڀيرو ڪوشش ڪئي ان کي ڪجهه ڪاميابي ملي، 1878ع کان 1880ع وچ ۾ ٻي اينگلو افغان جنگ جي نتيجي ۾ افغانستان برطانيا جي حفاظت واري رياست بڻجي ويو پر برطانيا کي ڪابل ۾ ريزيڊنٽ وزير رکڻ واري پاليسي ترڪ ڪرڻي پئي، ان بدران سلطنت برطانيا هڪ نئون افغان امير چونڊي پنهنجون فوجون ملڪ مان واپس گهرائي ورتيون، پر 1919ع ۾ جڏهن ان نئين امير پاڻ کي برطانيا کان آزاد قرار ڏنو ته ٽئين اينگلو افغان جنگ شروع ٿي، هي اهو وقت جڏهن هڪ طرف بالشويڪ انقلاب روسي خطري کي گهٽ ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻئي طرف پهرين عالمي جنگ برطانوي فوجي خرچن ۾ تمام گهڻي واڌ ڪري ڇڏي هئي. اهڙي صورتحال ۾ برطانوي سلطنت ۾ افغانستان بابت دلچسپي گهٽجي وئي. ان جي ڪري چئن مهينن جي جنگ کانپوءِ برطانيا نيٺ افغانستان کي آزاد قرار ڏئي ڇڏيو، جيتوڻيڪ برطانيا افغانستان ۾ سرڪاري طور تي موجود نه هو پر اهو خيال ظاهر ڪيو وڃي ٿو ته هن ڪيترن ئي سالن تائين اتي پنهنجو اثر برقرار رکيو.

سوويت يونين جي جنگ: 1920ع دوران امير امان الله خان ملڪ ۾ اصلاح آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ان ۾ عورتن جي برقعو پائڻ واري رواج کي ختم ڪرڻ به شامل هو، اصلاح پسندن جي ان ڪوشش ڪجهه قبيلن ۽ مذهبي اڳواڻن کي ناراض ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي. ان گهرو ويڙهه جي ڪري افغانستان جي صورتحال ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ڇڪتاڻ واري رهي ۽ 1979ع ۾ سوويت يونين افغانستان تي حملي ڪري ڇڏيو ته جيئن خراب طريقي سان غير منظم ڪميونسٽ حڪومت کي اقتدار ۾ برقرار رکي سگهجي. ڪيترين ئي مجاهد تنظيمن سوويت يونين جي مخالفت ڪئي ۽ ان خلاف جنگ ڇيڙي ڇڏي، ان جنگ ۾ مجاهدن آمريڪا، پاڪستان، چين، ايران ۽ سعودي عرب کان پئسا ۽ هٿيار ورتا، روسين انهن علائقن ۽ ڳوٺن تي زميني ۽ فضائي حملا ڪيا، جن بابت سندن خيال هو ته اهي مسئلي جي پاڙ آهن. ان جي ڪري مقامي آبادي گهر ڇڏڻ تي يا مرڻ ۽ مارڻ تي مجبور ٿي وئي، حملن ۾ گهڻو رت وهيو، ان جنگ ۾ تقريبن 15 ماڻهو مارجي ويا ۽ 50 لک پناهگير بڻجي ويا. هڪ زماني تائين سوويت يونين جي فوج وڏن شهرن ۽ ڳوٺن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي پر ڳوٺاڻن علائقن ۾ مجاهدين آزاد گهمندا رهيا، سوويت يونين جي فوج ڪيترن ئي طريقن سان انتهاپسندي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر گوريلا اڪثر اهڙن حملن کان بچي ويندا هئ ا۽ ان جنگ ۾ پورو ملڪ تباهه ٿي ويو. ان دوران ان وقت جي سوويت يونين ليڊر ميخائل گورباچوف محسوس ڪيو ته روسي معيشت کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش سان گڏوگڏ جنگ جاري نٿي رکي سگهجي ۽ هن 1988ع ۾ پنهنجي فوج واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو پر افغانستان مان نڪرڻ کانپوءِ سوويت يونين جي تصوير وري سٺي نه ٿي سگهي، افغانستان سوويت يونين لاءِ ويٽنام جنگ بڻجي ويو، اها انتهائي مهانگي جنگ هئي، جنهن ۾ سوويت يونين پنهنجي سموري طاقت لڳائڻ باوجود مقامي گوريلا ويڙهاڪن کان شڪست کاڌي، اسبي چوي ٿو ته سوويت يونين افغانستان ۾ جائز حڪومت جو ان وقت دفاع ڪيو جڏهن سوويت نظام ۾ ان جي حڪومت ۽ ان جي فوج وچ ۾ سنگين ۽ بنيادي تڪرار هئا، اها سوويت يونين جي سڀ کان وڏين غلطين مان هڪ غلطي هئي، ان کانپوءِ سوويت يونين ٽٽڻ لڳو ۽ ورهائجي ويو. افغانستان ۾ برطانيا ۽ سوويت يونين جي ناڪام ڪوشش کانپوءِ 11/9 جي حملن بعد باراڪ اومابا 2009ع ۾ حملو ڪري ڏنو، 2014ع ۾ اها جنگ سڀ کان وڌيڪ خونريز ٿي وئي، نيٽو فوج پنهنجو مشن مڪمل ڪري ذميواري افغان فوج جي حوالي ڪئي، جنهن جي ڪري طالبان وڌيڪ علائقن تي قبضو ڪري آپگهاتي حملا شروع ڪيا، اسبي مطابق آمريڪي حملي ۾ گهڻيون شيون غلط طريقي سان ڪيون ويون ۽ اها انتهائي خرچ واري جنگ هئي. سوويت يونين جيڪڏهن ساليانو 2 ارب ڊالر خرچ ڪيا ته آمريڪا اتي ساليانو 100 ارب ڊالر خرچ ڪيا. هو چوي ٿو ته ايندڙ ڏينهن ۾ اهو ڏسڻو ضروري هوندو ته عالمي برادري طرفان طالبان حڪومت کي منظور ڪيو ويندو يا نه مون کي ان بابت گهڻا شڪ آهن، جيڪڏهن طالبان کي منهن ڏيڻ ناممڪن ٿي وڃي ٿو ته اهو ڏسڻ به دلچسپ هوندو ته ڇا ڪا ٻي طاقت افغانستان تي حملو ڪرڻ جو خطرو کڻي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو