ليکڪ: عرفان ڪريم مغل
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
ٺل جي صحافت جو ”مير“ هميشه لاءِ اسان کان موڪلائي ويو آهي، مير ڀٽي ٺل شهر ۾ شير محمد ڀٽي جي گهر ۾ 1968ع ۾ اک کولي، پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد سيڪنڊري جي تعليم ٺل جي هائير سيڪنڊري اسڪول مان حاصل ڪئي، مير ڀٽي کي تعليم کاتي ۾ نوڪري ملي وئي ته پاڻ تعليمي شعبي سان سلهاڙجي ويو، تعليمي شعبي ۾ استادي جا فرائض سرانجام ڏيندي کيس صحافت ڪرڻ جو شوق جاڳيو، هن 1990ع ۾ اردو جي روزاني اخبار ڪليم کان صحافت جي شروعات ڪئي، جنهن بعد روزاني عبرت ۾ صحافتي خدمتون سرانجام ڏنيون، سينيئر صحافي مير ڀٽي شروعاتي ڏينهن ۾”صابر“ جي تخلص سان لکندو هو، مختلف اخبارن ۾ مضممون لکڻ جو شوق هوندو هئس، صحافت سان سلهاڙيل هئڻ جي ڪري روزاني ڪاوش ۾ به رپورٽر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين، مير ڀٽي روزاني ڪاوش ۾ رپورٽر هوندي پهريون سنڌي سيٽلائيٽ چئنل ڪي ٽي اين ۾ پڻ ڳچ عرصو ڪم ڪيو، روزاني ڪاوش کانپوءِ وري روزاني عبرت ۾ صحافتي ذميواريون ڏنيون، جنهن بعد پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز لاءِ ٺل ۾ متحرڪ رپورٽر رهيو.آخري دم تائين اداري سان لاڳاپيل رهيو. مير ڀٽي کلڻي ملڻي طبيعت جو مالڪ هو، سدائين دوستن سان کلندو رهندو هو، کيس ڪڏهن به دوستن اداس نه ڏٺو، صحافتي دنيا ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائيندو هو، مير ڀٽي ٺل ۾ صحافت جي استاد طور مشهور هو، هن جا صحافت ۾ ڪيترائي شاگرد هئا، جن کي هن سکيا ڏني، مير ڀٽي جي خبرون لکڻ جي هڪ نرالي خوبي هوندي هئي جيڪا ڏينهن به ڏينهن اسان جي پرنٽ ميڊيا مان نڪرندي وڃي ٿي، مير ڀٽي خبر کي هروڀرو ڊگهو ڪو نه ڪندو هو، ڪوشش ڪري خبر کي جامع ڪري لکندو هو، جنهن ۾ خبر جو سڄو مواد اچي وڃي، ڪنهن ڪهاڻيڪار وانگر اجائي خبر کي ڊيگهه ڏيڻ بدران شاعرن وانگر چار سٽن ۾ سڄي معنيٰ سمائجي وڃي سو مير ڀٽي جي خبر به ايئن ئي هوندي هئي، سڀ دوست کيس چوندا هئا ته اوهان جون خبرون تمام مختصر هونديون آهن، چوندو هو ته خبر ڀل ننڍي هجي پر جامع هجي، جنهن ۾ سڄو مفهوم اچي وڃي، ٺل جو سينيئر صحافي مير ڀٽي پريس ڪلب جي صدر سميت مختلف عهدن تي پڻ رهيو،صحافت سان گڏ سياسي سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندو هو، جميعت علماءِ اسلام جي ذيلي تنظيم جي ٽي آءِ جو صوبائي عهديدار هجڻ سان گڏ جي يو آءِ جو بنيادي رڪن پڻ هو، جي يو آءِ جي پليٽ فارم تان شهر جي هر ننڍي وڏي اشو تي شهرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملهائي بيهندو هو، ٺل جو سينيئر صحافي مير ڀٽي ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو جنهن سان جنگ جهيڙيندي 53 ورهين جي ڄمار ۾ 14 آگسٽ تي لاڏاڻو ڪري ويو، سينيئر صحافي مير ڀٽي سوڳوارن ۾ هڪ امڙ، هڪ گهرواري، چار پٽ عبدالله، نديم، وحيد، وسيم ۽ 5 نياڻيون ڇڏيون آهن. سينيئر صحافي مير ڀٽي جا جي يو آءِ جي قائدين مولانا عبدالغفور حيدري،شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو،مولانا محمد خان شيراني سان پڻ سٺا واسطا هئا.مير ڀٽي 37 سال صحافت سان لاڳاپيل رهيو.سينيئر صحافي ڪميٽيڊ جابرن ۽ وڏيرن سان مهاڏو اٽڪائيندو رهندو هو. سينيئر صحافي مير ڀٽي جي بيماري کان وٺي لاڙڪاڻي يونين آف جرنلسٽ ۽ تعلقي پريس ڪلب ٺل جي دوستن پاران ڀرپور ساٿ نڀايو،صحافين پاران مير ڀٽي سان ايئن ساٿ نڀايو ڄڻ سندن گهر جو ڀاتي بيمار آهي. مير ڀٽي جي وڇوڙي سان ٺل جي صحافت ۾ خال پيدا ٿيو آهي جيڪو ڀرجي نٿو سگهي.
گهــــوڙن ۽ گهـــــوٽن، جيـــــئڻ ٿــــورا ڏينهنــــــڙا،
ڪڏهن منجــــهه ڪــوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا۔