108

مڪاني چونڊن بابت سنڌ حڪومت جا خدشا ختم ٿيڻ گهرجن……

ايڊيٽوريل

سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کان مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ 6 مهينن جي مهلت گهري ورتي آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر آف پاڪستان سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس سومر ڏينهن ٿيو جنهن ۾ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ حڪومت جي نمائندگي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سنڌ حڪومت ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن جو مدو 30 آگسٽ 2020ع تي ختم ٿي ويو هو. اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون مطابق 120 ڏينهن اندر اليڪشن ڪرائڻ جي پابند آهي. اليڪشن ڪميشن سڀ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن جن ۾ تڪ بندي، آفيسرن ۽ تڪبندي اٿارٽي جو نوٽيفڪيشن پهرين جون 2021ع تي جاري ڪيو ويو آهي. ان ڪري صوبائي حڪومت اليڪشن ڪميشن کي لوڪل ڪائونسلن جو انگ، نقشا ۽ ٻي ضروري ڊيٽا ڏي ته جيئن اليڪشن ڪميشن صوبي ۾ مڪاني چونڊ ڪرائڻ لاءِ تڪبنديون ڪري وٺي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت مڪاني قانونن ۾ تبديلي ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن يونين ڪائونسل، ميونسپل ڪارپوريشن، ميونسپل ڪميٽي، ٽائون ڪميٽي ۽ ٻين جي نوعيت انهن جي انگن ۽ آبادي جو ڪاٿو لڳائي سگهجي. جنهن لاءِ 6 مهينن جو وقت گهربل آهي، ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت کي آدمشماريءَ جي انهن حتمي انگن اکرن تي اعتراض آهن جيڪي سي سي آءِ جي منظوري کان پوءِ 6 مئي 2021ع تي شايع ڪيا ويا آهن، جنهن تي اسان پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل (7) 154 هيٺ وفاقي حڪومت کي اپيل ڪئي آهي، جيستائين اسان جي اپيل جو فيصلو نه ٿو ٿئي صوبي ۾ بلدياتي چونڊ ڪرائڻ ممڪن نه آهي. ان کان سواءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ لوڪل گورنمينٽ اليڪشن ڪيس جيڪو پي ايل ڊي 63/2016 ع ۾ شايع ٿيو آهي ان ۾ اهو چيو آهي ته قانونن ۾ ترميم جو عمل مڪاني چونڊ شيڊيول کان 18 مهينا پهرين مڪمل ڪيو وڃي ۽ تڪبندي جو ڪم اليڪشن شيڊيول کان هڪ سال اڳ شروع ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن صوبائي حڪومت جي نمائندن کان مڪاني چونڊ ڪرائڻ لاءِ ٽائيم فريم گهريو ته انهن چيو ته هو هن وقت ڪو به ٽائيم فريم ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه آهن، اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جي نمائندن جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ته ان مسئلي تي غور ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جو ڌار اجلاس گهرائينداسين ۽ ان تي مناسب فيصلو ڪنداسين ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي هدايتون جاري ڪيون ته هو هلندڙ هفتي ان سلسلي ۾ هڪ اجلاس گهرائي. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت جو موقف ۽ آدمشماري بابت خدشا رڳو سنڌ حڪومت جا نه پر سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين ۽ سنڌ جي 7 ڪروڙ عوام جا خدشا آهن ۽ ان تي سنڌ حڪومت کي قانوني جنگ وڙهڻ جو پورو پورو حق به آهي، ان ڪري جيستائين معاملا نٿا نبرن تيستائين سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪو به حتمي فيصلو نه ٿيڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان صوبي جي چونڊيل حڪومت جي موقف جو احترام ڪيو وڃي، ڇو ته خاص ڪري آدمشماري صوبي جي جياپي جو مسئلو آهي، جنهن جي بنياد تي وفاق کان فنڊ ملن ٿا ۽ ٻيا ضروري حصا به طئه ڪيا وڃن ٿا، ان ڪري اليڪشن ڪميشن کان اسان اها گهر ٿا ڪريون ته صوبي جي موقف کي سنجيدگيءَ سان ٻڌي ان جي سمورن پاسن تي غور ڪيو وڃي ۽ سنڌ کي ان حوالي سان گهربل وقت ڏنو وڃي جيئن معاملا بهتر نموني سان سرانجام ڏئي سگهجن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو