128

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان غوث بخش مهر ۽ علي گوهر مهر جي ملاقات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان جي ڊي اي جي اڳواڻ قومي اسيمبلي جي ميمبر غوث بخش مهر ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر علي گوهر مهر گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن صوبي ۾ ترقياتي رٿائن ۽ عوامي مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن تڪ ۽ علائقي جي مسئلن کان گورنر سنڌ کي آگاه ڪيو. گورنر سنڌ مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته صوبي جي سڀني ضلعن ۾ جاري ترقياتي رٿائن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جي ڏس ۾ قدم ممڪن بڻايا پيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو