اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران 59 هزار 943 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. قومي صحت وزارت طرفان جاري ڪيلٽوئيٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 59 هزار 943 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. جن مان 4075 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا آهن. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيل ڪورونا ٽيسٽن جي مثبت اچڻ واري شرح 6.79 سيڪڙو رهي آهي. ان دوران ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويل جو انگ 91 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
