اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) طرفان پاڪستان کي 2.75 ارب ڊالرن جي معاونت ملي وئي آهي. اها ڳالهه اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪئي آهي. آءِ ايم ايف جي بورڊ ان کان اڳ پنهنجي ميمبر ملڪن کي ڪورونا وائرس جي وبا سبب پيدا ٿيل ڏکيائين ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مجموعي طور تي 650 ارب ڊالرن جي معاونت جو اعلان ڪيو هو. اسٽيٽ بئنڪ مطابق پاڪستان کي ان معاونت سان 2.75 ارب ڊالر ملي چڪا آهن. اها معاونت اسٽيٽ بئنڪ کي سڌي ريت ملي آهي ۽ ان سان نه صرف پرڏيهي مٽا سٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو بلڪه ملڪي معيشت تي به سٺا اثر پوندا. آءِ ايم ايف جي بورڊ سڀني ملڪن لاءِ 650 ارب ڊالرن جي جنهن پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي، ان مان پاڪستان کي 4.3 سيڪڙو جي شرح سان 2.75 ارب ڊالر جي معاونت ملي آهي.
