129

ڪراچي جي عوام تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم کي سڃاڻي چڪي آهي، ڪراچي بدلجي چڪو آهي، شهر ۾ ايڊمنسٽريٽر جي مقرري کان پوءِ ڪم بهتر ٿي رهيا آهن: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ وفاق جون سنڌ سان زيادتيون جاري آهن، وفاقي سرڪار سنڌ جي 16 هزار نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو هنيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي هاڻي تبديل ٿئي پيو، هاڻي ڪراچي واسي ماضي ۾ ويساهه گهاتيون ڪندڙن کي ووٽ نه ڏيندا، پ پ حڪومت محدود وسيلن باوجود ڪراچي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت روزگار ڏيڻ بدران کسي رهي آهي، بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اوچتا دورا ڪيا ويا، وڏو وزير مراد علي شاهه، بلديات کاتي جو وزير ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي به بلاول ڀٽو سان گڏ هئا، بلاول ڀٽو زرداري طرفان مختلف علائقن ۾ اوچتن دورن دوران عوامي مسئلن جو به جائزو، بلاول ڀٽو زرداري ڪڊني هل پارڪ ۾وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو به پوکيو، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پ پ چيئرمين جي سرپرائيز وِزٽ دوران وڏو وزير مراد علي شاهه گاڏي ڊرائيو ڪري رهيو هو، صحافين سان ڳالهين دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي ۾ تمام گهڻا مسئلا آهن ان کان انڪار نٿا ڪري سگهون. اسان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا. ڪراچي بدلجي چڪو شهر شهر ۾ ايڊمنسٽريٽر جي مقرري کان پوءِ ڪافي ڪم بهتر ٿي رهيا آهن. هاڻ جڳهه جڳهه تي ڪم هلي رهيا آهن، انهن مان ڪجهه مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ ڪجهه ٿيڻ وارا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته ايم ڪيو ايم جي دور ۾ ضلعو وسطي ڪچري جو ڍير  هو، ڪراچي جي عوام تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم کي سڃاڻي چڪي آهي. عمران خان ۽ ايم ڪيو ايم شهر ۾ هڪ سر به نه لڳائي ۽ نه وري هڪ ڦڙو پاڻي ڏنو، اسان وٽ وسيلا گهٽ آهن، وفاق اسان کي پنهنجا حق نٿو ڏئي، اسان حڪومت کان پڇون ٿا ته شهر کي ڏنل 11 سئو ارب جي پيڪيج جو ڇا ٿيو؟ سنڌ پنهنجي وسيلن سان پاڻي جي کوٽ جو خاتمو ڪيو آهي. اسان شهر کي بهتري طرف کڻي وڃي رهيا آهيون، عوام کي اپيل آهي ته اسان جو ساٿ ڏئي ۽ اسان سان وڌ کان وڌ تعاون ڪري. سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جو بلدياتي نظام پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري جمهوريت کي زنده رکيو. آدمشماري جو معاملو طئي ٿيندي ئي اسان لوڪل باڊيز چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو