ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت گذريل ٽن سالن دوران پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس (پي اي ايس) جي گريڊ 21 جي سراسري 50 سيڪڙو، گريڊ 20 جي 75 سيڪڙو ۽ گريڊ 19 جي 80 سيڪڙو آفيسرن جي کوٽ کي منھن ڏئي رھي آھي. جنهن ڪري صوبائي ڪابينا گريڊ 21 ۽ گريڊ 20 جي 58 پوسٽن کي فلوٽنگ پوسٽ قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ جي صدارت ھيٺ ڪابينا جو اجلاس وزيراعليٰ ھائوس ۾ اڱاري ڏينھن ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن، چيف سيڪريٽري ممتاز شاھھ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ شرڪت ڪئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو تھ پي اي ايس آفيسرن جي وڏي کوٽ آهي.جنهن ڪري ڪيتريون ئي اھم پوسٽون خالي آھن ۽ حڪومتي ادارن جا ڪم متاثر ٿي رھيا آھن. ڪابينا ۾ انڪشاف ڪيو ويو تھ سنڌ ۾ گريڊ 21 جون 25 پوسٽون آھن، انھن مان 16 پوسٽون پي اي ايس جون آھن، ھن وقت پي اي ايس جا رڳو 5 آفيسر ڪم ڪري رھيا آھن ۽ گريڊ 21 جون 11 پوسٽون خالي آھن. گريڊ 20 جي 142 منظور ٿيل اسامين مان پي اي ايس جون 59 پوسٽون آھن جنھن جي ابتڙ رڳو 25 آفيسر ڪم ڪري رھيا آھن، اھڙي ريت گريڊ 20 جون 34 پوسٽون خالي آھن. وڏي وزير چيو تھ حڪومتي ادارن جي معاملن کي صحيح ريت ھلائڻ کي گھٽ ۾ گھٽ اھم عھدن کي ڀريو وڃي. پي اي ايس آفيسرن جي وڏي انگ ۾ کوٽ ان ڪري ٿي آھي تھ وفاقي حڪومت سنڌ کي حصي مطابق آفيسرن جون بدليون ڪرڻ کان لنوائي رھي آھي. ڪابينا آفيسرن جي وڏي انگ ۾ کوٽ کي ڏسندي فيصلو ڪيو تھ گريڊ 21 جون 11 پوسٽون بشمول چيئرمين پي اينڊ ڊي، چيئرمين سي ايم انسپيڪشن اينڊ انڪوائريز ٽيم، چيئرمينب اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمنٽ ۽ ڪمشنر ڪراچي ڊويزن کي گريڊ 20 / گريڊ 21 ۾ بطور فلوٽنگ پوسٽس ڊڪليئر ڪيو وڃي. گريڊ 20 /گريڊ 21 ۾ انھن پوسٽس کي ڊڪليئر ڪرڻ سان اھي پوسٽون پي اي ايس، ايڪس پي سي ايس ۽ پي ايس ايس آفيسرن جي سينيئرٽي جي حساب سان ڀري سگھجن ٿيون. آبپاشيءَ واري وزير ڄام خان شوري ڪابينا کي ٻڌايو تھ ارسا انڊس سسٽم مان جھلم چناب سسٽم ۾ سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪينالن ذريعي پاڻيءَ جي منتقلي جي اجازت ڏني آھي، ان نتيجي ۾ نھ رڳو بيٺل پوک متاثر ٿي رھي آھي ۽ پيئڻ واري پاڻيءَ جي کوٽ جو به امڪان آھي. جنهن تي سنڌ ڪابينا ارسا تي زور ڀريو تھ چشما جھلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنالن ۾ پاڻي جو ڇوڙ بند ڪري ۽ سنڌ لاءِ پاڻي ڇڏيو وڃي. توانائيءَ واري وزير امتياز شيخ صوبي جي ٻھراڙين ۾ ڊگھي لوڊشيڊنگ واري مامري کي اٿاريو. ھن چيو تھ ٻھراڙين ۾ لڳايل پراڻا ٽرانسفارمرز عام طور تي سڙي ويندا آھن ۽ انھن جي مرمت ۾ 4 کان 5 ھفتا لڳندا آھن، جنھن سبب غريب رھواسين کي تمام تڪليف ٿيندي آھي. ڪابينا بجلي ورھائيندڙ ڪمپنين تي زور ڀريو تھ اھي سندن نظام ۾ سڌارا آڻين ۽ خاص طور تي ٻھراڙي وارن علائقن اندر نوان ٽرانسفارمرز لڳايا وڃن. سنڌ ڪابينا 18 ورهين جي عورتن کي دارالامان ۾ رکڻ بدران چائلڊ پروٽيڪشن مرڪزن ۾ رکڻ لاءِ لاڳاپيل قانون ۾ تبديلي ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا فشريز ۽ لائيواسٽاڪ واري وزير باري پتافيءَ پاران پيش ڪيل اينيمل ھيلٿ جي قاعدن جي پڻ منظوري ڏني. وڏي وزير سندس ڪابينا کي ميمبرن کي ھدايت ڪئي تھ اھي سندن لاڳاپيل کاتن جا ترقياتي منصوبا بروقت تڪميل جي حوالي سان ذاتي دلچسپي وٺن.
