106

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران وڏي وزير سان گڏ مختلف علائقن جو سرپرائيز دورو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو ڪراچي شهر جي مختلف علائقن جو سرپرائيز وزٽ ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ۽ مختلف منصوبن جو معائنو ڪيو، پ پ چيئرمين جي اوچتي دوري دوران وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سندس گاڏي هلائي ۽ روڊن رستن تي معمول موجب ٽريفڪ هلندي رهي، بلاول ڀٽو ڪلفٽن ٽي تلوار کان ٿيندو شاهراهه فيصل تي پي اي ايس سي ايڇ ۾ پاڻي جي نيڪال واري منصوبي جو جائزو ورتو، جتي کيس هلندڙ ڪم بابت بريفنگ ڏني وئي، جتان وري دوراجي ڪالوني ۾ ڪڊني هل پارڪ پهچي وڻڪاري مهم جو معائنو ڪيو، پ پ چيئرمين حسن اسڪوائر، لياقت آباد، سنڌي هوٽل، چونا ڊپو، گلبهار، لسٻيلو، پٽيل پاڙو ۽ ٻين علائقن جو به دورو ڪيو، جنهن دوران شهر ۾ ٽريفڪ جي مسئلن جو جائزو ورتو، جنهن کانپوءِ گرومندر، نمائش ۽ ريگل چوڪ کان ٿيندو امپريس مارڪيٽ پهتو، جتي کيس امپريس مارڪيٽ جي بحالي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، جتي پ پ چيئرمين دڪاندارن کان حال احوال ورتا ۽ دڪاندار ساڻس ملي خوش ٿيا ۽ ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو