راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي پير وڌائي واري علائقي ۾ مدرسي ۾شاگردياڻي سان زيادتي ڪرڻ جي ڪيس ۾ جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. راولپنڊي جي سول جج مدرسي ۾مهتمم پاران 16 ورهين جي شاگردياڻي سان زيادتي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت جاچ ٽيم جي ڊي اين اي ٽيسٽ جي درخواست منظور ڪندي ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته جوابدار مهتمم مفتي شاهنواز جي 50 هزار عيوض ضمانت منظور ڪئي وئي آهي.
114